پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس ۽ ڏوهارين خلاف مظاهرو

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ ويهرو جي رهواسين پوليس جي بناجواز چڙهائي ۽ بااثر ڏوهارين خلاف احتجاج ڪيو. ڳوٺ ويهرو جي رهواسين پوليس ۽ بااثر ڏوهارين خلاف ڊيلي، ديوي، وشنو ۽ مگهارام جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته اسان جي گهر جي سامهون خالي پيل پلاٽ تي روز بااثر ڏوهاري ٽولا ويهندا آهن، جيڪي شراب پي گارگند ڪندا رهندا آهن، منع ڪرڻ تي ڏوهارين گهرن ۾ داخل ٿي اسان ۽ معصوم ٻارن تي تشدد ڪيو. روز ڪهاڙيون کڻي گهٽين ۾ اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهن ٿا، انهن بااثر ڏوهارين جي چوڻ تي روز پوليس اچي ماڻهو کڻڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿي، ڏوهارين ريجهو، غازي ۽ پونيو ميگهواڙ اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته اسان تي ڪوڙا الزام هڻي پلاٽ خالي ڪرائڻ چاهين ٿا. اسان پ پ اڳواڻ برهان الدين ڪنڀر ۽ برادري جي چڱي ماڻهو پرمانند ميگهواڙ کي فيصلي لاءِ چيو، پر هو نه اچي رهيا آهن، اڄ 20 ڏينهن ٿيا آهن، روز پوليس ذريعي خوف ۽ حراس پکيڙي رهيا آهن. هنن وسوارن کي اپيل ڪئي ته ڏوهارين جي ونگاري پوليس ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button