عدنان سومرو
شوڪت حسين شورو ولد عبدالڪريم شورو جو جنم 4 جولاءِ 1947ع تي ڳوٺ حاجي محمد شورو، ضلعي سجاول ۾ ٿيو. پاڻ بهترين ڊراما نويس، نقاد، ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار هئا. سندس پهرين ڪهاڻي 1964ع ڌاري “اکيون روئي پيون” ماهوار مئگزين “روح رهاڻ” ۾ شوڪت راهي جي نالي سان شايع ٿي. “گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس” 1981ع، اکين ۾ ٽنگيل سپنا” 1983ع، ” “رات جو رنگ” 2009ع ڪهاڻين جا ڪتاب شايع ٿيل اٿس.
ون يونٽ 1967_1955ع جنھن سنڌي ادب ۾ ھڪ ڦيرو آندو ۽ مختلف صنفن سان گڏ ڪھاڻيءَ جي صنف ۾ ڪافي اضافو آندو. سنڌي ادب ۾ مزاحمتي ادب تخليق ٿيڻ لڳو. شوڪت حسين شورو جي ڪھاڻين ۾ ان ساڳي مزاحمتي عنصر کي ڏسي سگهجي ٿو، جنھن حوالي سان پروفيسر زوار حسين شاھه نقوي لکي ٿو ته، شوڪت حسين شوري جون لکيل ڪهاڻيون به انھيءَ پُربھار ادبي دور واري سنڌ جي سماجي پسمنظر ۾ سرجندي نظر اچن ٿيون ۽ انھن جا ڪردار پنھنجي ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت سان اڻ ميو پيار ڪندي، سماج جي زخمن تي قلم جي نشتر زني ڪندي نظر اچن ٿا.
شوڪت حسين شورو جي ڪھاڻين ۾ سچائيءَ جي رنگن سان گڏ مشاھداتي شين جو ھڳاءُ وڌيڪ ملي ٿو، جنھن حوالي سان قمر شهباز سندس ڪتاب جي مھاڳ ۾ لکي ٿو ته، گذريل صديءَ جي ستر واري ڏهاڪي ۾ شوڪت، سندس ڀاء مشتاق، ۽ هڪ ٻئي ماٺيڻي ماڻڪ، عام رواجي انداز کان بغاوت ڪري، سنڌي ڪهاڻي کي هڪ نئين پيچري تي آڻي بيهاريو، جنهن ۾ لفظن جي راند بجا ويچارن جا واهڙ هئا، ٻاهرئين ڏيک ويک بدران تازي هوا جو قدرتي هڳاُ هو ۽ ظاهري گلڪاريءَ جي جاءِ تي سچائيءَ جي سورج جو تاءُ هو. اهو سڀ ڪجھه شعوري ڪوشش جو نتيجو نه، بلڪ بي شعوري بي خودي ۽ اڻ ڄاتي آزاديءَ جو اظهار هو. نين اصولن ۽ مقرر ٿيل معيار کان بغاوت هئي.
شوڪت حسين شورو جي ڪهاڻين ۾ سنڌ ڌرتي سان پيار ۽ محبت جو هڳاءُ غريبن، مسڪينن جو روپ ڌاري پڙهندڙن اڳيان نروار ٿي بيهي رهن ٿا. سندس ڪهاڻين ۾ ترقي پسندي جو عنصر نمايان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جنهن لاءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته، شوڪت جون ڪھاڻيون اھي جيئرن جاڳندن ڪردارن جون ڪھاڻيون آھن، جيڪي ڏوھه ثواب، غم ۽ خوشي جي ھن دنيا ۾ پلجن ٿا.
شوڪت حسين شورو جاگيرداري نظام خلاف بغاوت، سنڌ ۾ موجود غلط رسمن، جيڪي انسان کي ڪمزور ڪن ٿيون، عورت تي ڏاڍ، ظلم، ستم، زبردستي شاديون ڪرائڻ، کين ڪابه مرضي نه پڇڻ، ڪارو ڪاري جهڙن غليظ رسمن کي پنهنجين ڪهاڻين ۾ پيش ڪيو آهي.
شوڪت حسين شورو ڪهاڻي “خوف جو موت” ۾ لساني جهيڙي کي موضوع بڻايو آهي. جنهن ۾ حيدرآباد شهر ۾ وڳوڙن دوران لساني فساد شروع ٿيا، تنهن لساني فساد هزارين ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪايون. هن ڪهاڻي ۾ ڪردار “ڪامل” ۽ سندس گھرواري به اھڙي ئي صورتحال مان گذرندي ڏيکاريا ويا آهن. جنھن ۾ ڪامل کي گھر واري گھر ڇڏي، ڪنھن محفوظ ھنڌ ڏانھن ھلڻ جو چئي ٿي. خوف جڏھن ماڻھن جي ذھن يا دماغ مان نڪري وڃي ٿو، ته پوءِ اھو ماڻھو شينھن سان به مھاڏو اٽڪائڻ ۾ دير نٿو ڪري. ڪامل زال کي منع ٿو ڪري ته هاڻي پاڻ کي ڪيڏانهن به ناهي وڃڻو. بس هاڻي خوف کي مات ڏئي جيئڻو آهي.
“ڪامل جڏھن گھر پھتو ته زينت واقعي پريشان ھئي. ڇا ٿيو؟ ايتري دير ڇو ٿي؟ “ڪا خاص ڳالهھ ڪانهي. تون پريشان نه ٿي، خير آهي.” هو کٽ تي ويهي بوٽ الهڻ لڳو.” گهر جي چاٻي وٺي آئين؟” “نه پاڻ کي ڪيڏانهن به ناهي هلڻو. پاڻ هتي ئي رهنداسين پنهنجي گهر ۾، جنهن گهر ۾ منهنجا سمورا وڏا، بابو ۽ امان مري ويا، ان گهر ۾ پاڻ مرڻ کان ڇو ٿا ڊڄون. اڄ کان ڊپ ذهن مان ڪڍي ڇڏ.” ڪامل کٽ تي ليٽي پيو ۽ سگريٽ دکائي آرام سان سوٽا هڻڻ لڳو”.
هن ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار حالتن سان مقابلي ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو ۽ پنھنجي ماڳن جي مالڪي لاءِ اتساھي ٿو.
ڪهاڻيءَ “شهر ۽ سپنا” ۾ شوڪت حسين شورو ان ساڳئي موضوع تي قلم کنيو، جيڪو سنڌ ۾ پراڻي زماني کان ھلندو پئي آيو، ھڪڙي پاسي ظالم وڏيرو آھي، ته ٻئي پاسي وري مظلوم ھاري. ھن ۾ شوڪت حسين شوري ھڪ نصيحت آميز ڪھاڻي تخليق ڪئي آھي، جنھن ۾ ھاري پنھنجي پُٽ کي اھا نصيحت ۽ ڳالھه ٻڌائڻ چاھي ٿو، ته “اسان غريب اڻپڙهيل آهيون. ان ڪري وڏيري جي قيد ۽ غلاميءَ ۾ جڪڙيل آھيون. تون باشعور آھين، ۽ انھن سڀن کان آزاد آھين. وڏيرو پئسي وارو آھي، ۽ تون به ان جي برابر ٿي سگھين ٿو.” نه، بابا، مون کي ٻهراڙي ۾ سک ئي نٿو اچي. ڪهڙي جهنگلي زندگيءَ! آئون جيڪڏهن سال کن اتي رھان ته چريو ٿي پوان. نه اٿڻ نه ويھڻ، نه گھمڻ ڦرڻ. ڏينھن رات ٻنيءَ ۾، پاڻيءَ جو فڪر ۽ جاھلن وارا جھڳڙا مٿان وري تو واري دنگئي وڏيري جو آزار. ھروڀرو وتي پنھنجي وڏيرائپ ڏيکاريندو. مون کان اھي ڳالھيون سٺيون ڪونه ٿينديون.”
هن ڪهاڻي ۾ شوڪت شورو شعوري وهڪري جي ڳالھه ڪري ٿو ته وقت ۽ حالتون انسان پنهنجي محنت ۽ طاقت سان تبديل ڪري سگهي ٿو.
ڪهاڻي “بيٺل پاڻي” شوڪت شورو جي حقيقت تي ٻڌل ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ وجودي ڪيفيت کي ظاهر ڪيو ويو آهي. هن ڪهاڻي ۾ هڪ ڪردار ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو کيس ورثي ۾ پنهنجي بابي کان مليو، سو کڻي قبول ڪيائين. شادي به پنهنجي گهر وارن جي مرضي سان ڪيائين. پر وقت ۽ حالتون هڪ جهڙيون ناهن رهنديون جيڪو مون ڪيو سو وري منهنجو پٽ به ڪري. وري جنهن سان شادي ٿيس سان صفا ڪانه وڻيس،گهر ۾ رڳي جهيڙا، جهٽا پيا هلندا رهندا هيس. جواني هميشه قائم ناهي رهڻي نيٺ ته ماڻهو کي پوڙهو به ٿيڻو آهي ۽ هي جهان هميشه لاءِ ناهي رهڻو، ماڻهوءَ کي هڪ نه هڪ ڏينهن هتان ڏور وڃڻو آهي، جتان ڪوبه واپس ناهي آيو. تنهن کي وري موت جو به مزو چکڻو آهي. ان ڪري هي رشتا، ناتا هميشه هتي رهڻا آهن، ڪوبه پاڻ سان گڏ ناهي کڻي وڃڻو. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ درد سمايل آهي ۽ “بيٺل پاڻي هميشه ٻوڙيندو آهي”. “منهنجا مولا، پنهنجي هلنديءَ هلائجانءِ.” هن وڏن کي ائين چوندي ٻڌو هو. پو جيئن هو پوڙهو ٿيندو ويو، هن پاڻ به اها دعا گهرڻ شروع ڪئي. هن کي ڊپ ويڙهي ويو هو. هن محسوس ڪيو ته هو ٻين تي بار ثابت ٿي رهيو هو. آئون نه هوندس ته ٻين تان بار لهي ويندو.
شوڪت حسين شورو جون اهڙيون انيڪ ڪهاڻيون آهن. جن کي اسين عالمي معيار جون ڪھاڻيون چئي سگھون ٿا. جن ۾ شاگرد اڳواڻ، آسي، شھر ۽ سپنا، گم ٿيل پاڇو، بکي سونھن، ڀڳل ٽٽل ٽھڪ، رات جو رنگ، ۽ ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ آھن.
سنڌ ڌرتيءَ کان ھي انمول ھيرو 9 نومبر 2021 تي وڇڙي ويو. پر سندس ڪھاڻيون، ڊراما ۽ مقالا پڙھي ايئن لڳندو آهي ڄڻ پاڻ ويھي ٻڌائي ٿو.