ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

2024اليڪشن: قومپرست پارٽين جي ناڪامي

اختر حفيظ

سنڌ جون قومپرست پارٽيون وڏي وقت تائين ان خيال جون رهيون آهن ته اليڪشن جي سياست اجائي آهي ۽ اسيمبلين ۾ اچڻ سان ڪو فائدو ڪونهي. جيتُوڻيڪ ان خيال کي ڪلي طور رد به نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته جهڙي ريت هن ملڪ ۾ جمهوريت جي نڙيءَ تي ننهن ڏنل آهي ۽ جمهوري ادارن کي به اسٽبلشمينٽ جي ماتحت ڪيو ويو آهي، ان ۾ جمهوريت لاءِ بنهه ٿوري گنجائش بچي ٿي. پر جيڪڏهن چونڊ عمل جو حصو نٿو ٿجي ته پنهنجي سياسي طاقت جو مظاهرو نٿو ڪري سگهجي. اسيمبلين ۾ پنهنجي هجڻ جو احساس نه ڏيارڻ سان تحريڪ لبيڪ، جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جا ماڻهو اسيمبلين ۾ پهچي ٿا وڃن، جيڪي ملڪ جي پاليسين تي اثرانداز ٿين ٿا ۽ اهي پاليسيون ايتريون خطرناڪ هونديون آهن جو ماڻهوءَ جي ذهن سازي ڪنديون آهن.

پي ٽي آءِ اقتدار ۾ آئي ته هن جيڪو بيانيو سياست ۾ آندو، اهو بنهه گهڻو انتهاپسنداڻُ ۽ جمهوريت دشمن آهي. عمران خان نيازي جنهن انتهاپسنداڻي سوچ جو مالڪ آهي، اها سوچ سڄي سماج ۾ واسو ڪري وئي آهي. هو عوام کي ارطغرل غازي ڏسڻ جا درس ڏيندو هو ۽ هو جهڙي ريت رياست کي هڪ انتهاپسنداڻي سوچ ڏانهن وٺي پئي ويو، اها صورتحال بنهه خراب هئي. پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندس سياست (غلط يا صحيح) سماج تي تمام گهڻي اثرانداز ٿي آهي. عوام هن سان عقيدت ۾ ايترو اڳيان نڪري ويو آهي جو سندس چيل هر غلط ڳالهه کي به صحيح سمجهي ٿو. تنهنڪري ان صورتحال ۾ اهي سياسي ڌريون جيڪي سيڪيولر آهن يا جيڪي ملڪ ۾ ڪنهن به انتهاپسنداڻي سوچ کي هٿي نٿيون ڏين، انهن جو سياست ۾ اچڻ ۽ فعال ڪردار ادا ڪرڻ ضروري آهي.
2013ع واري چونڊن کان وٺي سنڌ جون قومپرست پارٽيون پنهنجي قسمت آزمائينديون رهيون آهن، جيتوڻيڪ اهي ايترو ووٽ بئنڪ نه کڻي سگهيون آهن پر تنهن هوندي به عوام پاران انهن کي سٺي موٽ ملندي رهي آهي. قومي عوامي تحريڪ، عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي سنڌ جون اهم ترين قومپرست سياسي پارٽيون ليکيون وڃن ٿيون. پر نه ته اهي پارٽيون مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ڪا وڏي ڪاميابي ماڻي سگهن ٿيون ۽ نه ئي عام چونڊن ۾ اهي ڪو ٻوٽو ٻاري سگهيون آهن. ڇاڪاڻ ته عوام رڳو ڌرڻن جي سياست کي سياست ناهي سمجهندو. ان لاءِ سياست جو مطلب سندن مسئلن کي عملي طور حل ڪرڻ، ڪا نوڪري وٺي ڏيڻ ۽ ڪو ترقياتي ڪم ڪرائڻ به آهي. اهو سڀڪجهه قومپرست پارٽيون نٿيون ڪري سگهن، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ اهڙو اختيار ئي ڪونهي.
هڪ ميڙ ۾ انقلابي شاعري ٻڌائڻ يا سٺي تقرير ڪري ماڻهن کي گرمائڻ هڪ سٺو عمل آهي پر سياست ۾ رڳو تقرير جو فن شامل ڪونهي، بلڪه اسيمبلين تائين پهچي پنهنجو آواز ايوانن ۾ اٿارڻ پڻ آهي. تنهنڪري جلسي جي سياست الڳ آهي ۽ اليڪشن جي سياست الڳ هوندي آهي. قومپرست پارٽيون جهڙي ريت پنهنجون پارٽيون ڇڏي، جي ڊي اي جهڙي اتحاد ۾ شامل ٿيون، ان کي به ماڻهن رد ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته جي ڊي اي پ پ مخالف اتحاد ضرور آهي پر اهو پ پ متبادل اتحاد بلڪل به ڪونهي. متبادل اتحاد تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن اهو وڏيرن، ميرن پيرن کان آجو هجي. جنهن ۾ هيٺئين طبقي کان وٺي وچولي طبقي جا ماڻهو شامل هجن ۽ اهي پنهنجي سياسي طاقت پنهنجي ٻل تي مڃائڻ جي صلاحيت به رکندا هجن. سياسي طاقت ڇا هوندي آهي، اهو پي ٽي آءِ هن چونڊ ۾ ثابت ڪيو. جنهن ۾ ان پارٽيءَ کي پنهنجو نشان به ڪونه مليل هو. پر مختلف نشانن وارا اميدوار کٽي آيا ۽ انهن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سياسي طاقت ڪيئن مڃائي سگهي ٿي. پر جي ڊي اي ۾ شامل هڪ ئي نشان تي چونڊ وڙهندڙ پارٽيون سنڌ مان ڪاميابي نه ماڻي سگهيون. پوءِ ميار سنڌي قوم تي ڏني وئي ته سنڌي ماڻهن ۾ شعور ڪونهي، انهن جي ڊي اي ووٽ نه ڏنو. جڏهن ته سنڌي قوم جي شعور جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ان ڪنهن ملي يا انتهاپسند کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو. تنهنڪري ان پيپلز پارٽيءَ کي بهتر سمجهيو ۽ ان کي ووٽ ڏئي اهو احتجاج پڻ ڪري ڏيکاريو ته جي ڊي اي ڪنهن به ريت سنڌ ۾ سياسي متبادل طور سامهون ناهي آيو پر اهو سنڌ لاءِ وڌيڪ خطرناڪ اتحاد آهي. (هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button