ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

چانهه جا باغ

Rauf Nizamani

انگريزن ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي جيڪي شيون ڏنيون انهن ۾ چانهه هڪ اهم شيءِ آهي. هندستان مان اها برطانيا جي نوآبادي آمريڪا ڏانهن به موڪلي ويندي هئي پر اتان جي ماڻهن پنهنجي آزاديءَ جي جنگ ۾ برطانيا ۽ غلاميءَ کان نفرت جي اظهار طور چانهه جي ذخيرن کي سمنڊ ۾ ٻوڙي ان کان پنهنجي لاتعلقي جو اظهار ڪيو پر هتان جا ماڻهو اهو نه ڪري سگھيا. شروع ۾ اها هتان جي ماڻهن لاءِ هڪ اوپري شيءَ هئي. بابا ٻڌائيندو هو ته ان کي متعارف ڪرائڻ ۽ ماڻهن کي ان جو عادي ڪرڻ لاءِ چانهه جي ڪمپنين پاران ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ گاڏين ۾ ماڻهن کي مفت ۾ اها ڏني ويندي هئي. هاڻي اها ماڻهن جي زندگيءَ جي معمول جو حصو بڻجي وئي آهي.
اها گھڻو ڪري اوڀر بنگال جي علائقي سلهٽ ۽ آسام وغيره ۾ ٿيندي آهي. قرت العين حيدر پنهنجي ڪتاب چاءِ ڪي باغ ۾ اتان جي ماحول جي هڪ تصوير پيش ڪئي آهي. ان وقت اهو علائقو اوڀر پاڪستان جو حصو هو. ليکڪا چانهه جي مزدورن جي زندگيءَ تي هڪ دستاويزي فلم ٺاهڻ لاءِ ڪراچي کان سلهٽ وڃي ٿي. اتي هوءَ پنهنجي هڪ سئوٽ زرينا، جيڪا اتي ڪم ڪندڙ هڪ آفيسر جي زال هوندي آهي، ان وٽ رهي ٿي. اها سئوٽ ميڊيڪل ڊاڪٽر هئي پر پريڪٽس ڪرڻ پسند نه ٿي ڪري. ڇاڪاڻ ته هتي هوءَ پنهنجي مڙس سان هڪ آرامده زندگي گذاري رهي هئي.
اتي آفيسر ۽ پورهيت هڪٻئي کان بلڪل ڌار زندگي گذارين ٿا ۽ منجھن هڪ واضح فرق هوندو آهي. آفيسر گھڻو ڪري انگريز ۽ اولهه پاڪستان مان اچن ٿا، جڏهن ته پورهيتن جي گھڻائي جو واسطو سلهٽ ۽ آسام سان هوندو آهي. جيتوڻيڪ اهي ٻيئي علائقا ڌار ملڪن ۾ هئا پر ماڻهن جي اچ وڃ تي گھڻيون بندشون نه هيون. ماڻهن لاءِ سرحد ڄڻ ته نالي ماتر هئي. پر ساڳئي وقت ٻنهي علائقن ۾ اسمگلنگ جي روڪ لاءِ بارڊر سيڪيورٽي فورس سرگرم هوندي هئي. ڪجھه پورهيت يوپي ۽ ڀارت جي ٻين علائقن مان به هتي آيا هئا ۽ گھڻي عرصي کان هتي رهيل هئا. اوڻويهين صديءَ جي شروع ۾ اوڀر يوپي جي گھنن علائقن جي غريب بک جي ستايل هارين ۽ زرعي پورهيتن کي وڏي انگ ۾ جهازن ۾ ڀري ماريشس وغيره جي ٻيٽن تي پلانٽيشنز لاءِ هتي چانهه جي باغن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هو. انهن ماڻهن جا ٻار انهن ملڪن ۾ اڃا ساڳيو ڪم ڪري رهيا آهن. آفيسرن جا پنهنجا ڪلب هئا، جيڪي انگريز ورثي ۾ ڇڏي ويا هئا. هتي اهي مختلف سماجي سرگرمين لاءِ گڏ ٿيندا هئا. اهڙيون هندستاني عورتون به هيون جيڪي پنهنجي سڃاڻپ ۽ نالا بدلائي اتي انگريز آفيسرن سان رهيل هيون.
ليکڪا اهڙن ٻن ڪردارن جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي بلڪل لوڪ داستان مان نڪتل لڳن ٿا. غفورالرحمان ۽ پاربتي. مرد مسلمان ۽ عورت هندو آهي. غفور اسٽيمر تي ڪم ڪري ٿو، سندس ڳوٺ سلهٽ ۾ آهي پر کيس آسام ۾ هئڻ ڪري انڊين سمجھيو وڃي ٿو. اهڙي ريت هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڄڻ لٽڪيل رهي ٿو. پاربتي سلهٽ ۾ چانهه جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪري ٿي ۽ چانهه جا دٻا اسٽيمر ۾ رکڻ اچي ٿي. ان دوران سندس ملاقات غفور سان ٿئي ٿي. پيءُ سندس شادي هڪ اهڙي ماڻهو سان طئي ڪري ڇڏي هئي جيڪو عمر ۾ کانئس 15 سال وڏو هو. پاربتيءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ لاءِ غفور سرحد ٽپي وڃي ٿو ۽ بارڊر سيڪيورٽي کان بچندي جھنگ ۾ هو ڪنهن کڏ ۾ ڪري پئي ٿو. سندس ٽنگ تي ڌڪ لڳي ٿو. پاربتي ڪنهن ريت هڪ ٽرڪ واري کي منٿ ڪري کيس ڊاڪٽر جي گھر تائين پهچائي ٿي. بارڊر سيڪيورٽي وارا سرحد ٽپي ايندڙ اسمگلرن جي ڳولا ۾ هوندا آهن. کين انهن تي به ساڳيو شڪ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر جي گھر جي ٻاهران رات جو ڌماڪن جو آواز ۽ گوڙ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ٿوري دير کان پوءِ هڪ مرد ۽ عورت گھر ۾ داخل ٿين ٿا. مرد کي ٽنگ ۾ ڌڪ لڳل هوندو آهي. ڊاڪٽر فرسٽ ايڊ باڪس کڻي ان جي مرهم پٽي ڪري ٿي. انهن جي ڳولا ۾ پوليس گھر ۾ داخل ٿئي ٿي. ڊاڪٽر جو مڙس ڪو جوکم نه ٿو کڻڻ چاهي ۽ انهن ٻنهي کي فورسز جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو.
کيس اتي اها عورت نظر اچي ٿي جيڪا رات جو سندن گھر ۾ آئي هئي. ان عورت کي جڏهن نوان ڪپڙا وغيره پارائي شوٽنگ لاءِ تيار ڪيو وڃي ٿو ته ان جي سونهن کيس متاثر ڪري ٿي. اتي پنچائت ۾ ان عورت جي آئندي متعلق ئي بحث ٿي رهيو هو. فلم جي ٺاهڻ ۾ گھڻيون ڏکيائيون پيش اچن ٿيون ۽ آخر ۾ ان کي نه ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو وڃي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button