سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

انٽرنيٽ هلائڻ لاءِ قرآن پاڪ تي قسم کڻڻ جو قانون لاڳو

ڪهاڻي نمايان
  • Knowledge is power
  • The Future Of Possible
  • Hibs and Ross County fans on final
  • Tip of the day: That man again
  • Hibs and Ross County fans on final
  • Spieth in danger of missing cut

اشڪ آباد(ويب ڊيسڪ)سڄي دنيا ۾ انٽرنيٽ جي هاڪاري استعمال جي حوالي سان مختلف اصول مقرر ڪيا ويندا آهن، اهڙي ئي ريت انٽرنيٽ تي موجود ڪيترين ئي ويب سائيٽس جي رسائي جي دنيا جي مخلتف ملڪن ۾ پابندي لاڳو ڪئي ويندي آهي.

تنهن هوندي به پابندي هيٺ آيل ويب سائيٽن کي استعمال ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا موجود هوندا آهن جن کي فالو ڪندي ماڻهو ڪهڙي به جڳهه تي ڪهڙي به قسم جي پابندي پيل ويب سائيٽ کي آساني سان استعمال ڪري سگهندو آهي.

ان حوالي سان ترڪمانستان ۾ گهريلو واهپيدارن جي لاءِ انٽرنيٽ جي استعمال جي حوالي سان وڏو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪو ترڪمانستان جي صدر جي حڪم تحت عمل ۾ آندو ويو آهي.

ترڪمانستان وچ ايشيا ۾ ايران ۽ افغانستان جي پاڙي ۾ موجود رياست آهي، جنهن جو شمار دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ماڻهن جا حق غصب ڪرڻ واري ملڪن ۾ ٿيندو آهي.

ترڪمانستان جي دعويٰ آهي ته ان جي آبادي 62 لک آهي پر حقيقت ۾ جڏهن ته اُتي 30 لک کان به گهٽ ماڻهو رهندا آهن.ان جو ڪُل ايراضي 4.91 لک چورس ڪلوميٽر آهي، جيڪا شام جي کان ٽي ڀيرا ۽ لبنان جي ايراضي کان 47 ڀيرا وڏي آهي.

ان کانسواءِ ترڪمانستان ۾ دنيا جا قدرتي گيس جا ٽيون نمبر وڏا ذخيرا آهن.

ڪجهه ڏينهن اڳ ان ملڪ ۾ هڪ انوکو فيصلو سامهون آيو آهي، جنهن جي تحت جيڪو به پنهنجي گهر ۾ انٽرنيٽ جي سهولت گهرندو ان کي قرآن پاڪ تي هٿ رکي اهو قسم کڻندو ته اهو بندش پيل ويب سائيٽس کي ڏسڻ لاءِ وي پي اين ايپلي ڪيشن کي استعمال نه ڪندو.

برطانيو اخبار دي ٽائمز موجب اهو فيصلو ملڪ جي صدر ”قربان قلي بردي محمدوف“ جي حڪم تي ڪيو ويو، موصوف ڏندن جو ڊاڪٽر آهي نرالي عادتن ۽ اصولن سان سڃاتو ويندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

هڪ رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button