سائنس ۽ ٽيڪنالاجيعالمي

سائنسدانن انسان جا وار اڇا ٿيڻ جو سبب ڳولي ورتو، ٻيهر ڪارا ٿيڻ جو گس ملندو

انسان جي عمر وڌڻ سان انهن جي جسم خاص ڪري مٿي ۽ ڏاڙهي جا وار اڇا جلد ٿي ويندا آهن، جنهن جو ڪارڻ معلوم نھ ٿي سگهيو هو، پر هاڻ سائنسدانن دعوا ڪئي آهي تھ انهن عمر وڌڻ سان گڏ انسان جا وار ڪارن مان اڇا ٿيڻ جو هڪ مڪمل نظام دريافت ڪري ورتو آهي، جنهن سان اڇن وارن کي ٻيهر پوئين گيئر لڳائي وارن جي اڇاڻ کي روڪڻ يا ٻيهر ڪارو ڪرڻ جو گس ملي سگهي ٿو. آمريڪا جي نيويارڪ يونيورسٽي جي گروسمين اسڪول آف ميڊيسن جي ماهرن تحقيق دوران ڪوئن جي چمڙي ۾ موجود ميلانوسيٽ نالي اسٽيم سيلز کي ڳولي ورتو آهي،

وار اڇا ٿيڻ جو سبب ڳولڻ جي ڪوشش

جيڪو سندن ڌيان جو مرڪز بھ بڻجي ويو، ڇوتھ اهو سيل انسان ۾ اڳ ئي دريافت ٿي چڪو آهي. ماهرن موجب اسٽيم سيلز ڪيترن ئي قسمن جا خليات ٺاهڻ جي صلاحيت رکن ٿا، جيڪي انسان جي عمر وڌڻ سان گڏ اها صلاحيت ڪمزور يا وڃائي ڇڏين ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ انسان جا وار اڇا ٿي ويندا آهن. ماهرن ٻڌايو تھ هن نئين تحقيق مان ثابت ٿيو تھ ان کي انسانن تي پڻ لاڳو ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن ائين ٿيو تھ هڪ وڏي ڪاميابي ملي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button