پاڪستانعالمي

چيف جسٽس اربين رپين جي چور کي بچائڻ ٿو چاهي: نوازشريف

لنڊن: مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف چيو آهي ته اڳوڻو چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ويٺل سندس ساٿي مون کي نااهل ڪرڻ، گرفتار ڪرڻ ۽ حڪومت ختم ڪرڻ ۾ ملوث هئا، جڏهن ته اڄ چيف جسٽس اربين رپين جي چوري ۾ ملوث شخص کي بچائڻ لاءِ سرگرم آهي. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته چيف جسٽس کي خبر آهي ته هن شخص پاڪستان جي معيشت، اخلاق ۽ ثقافت کي تباهه ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي آئين جي بار بار ڀڃڪڙي ڪئي، ماڻهن کي غنڊاگردي سيکاري. نواز شريف چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان پي ٽي آءِ چيئرمين کي بچائي سندس مستقبل داءَ تي لڳائي رهيو آهي.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس چيو هو ته نواز شريف کي نااهل ڪري جيل ۾ وڌو وڃي، جنهن جو شاهد به جسٽس شوڪت عزيز صديقي جهڙا ماڻهو آهن. هن چيو ته اهو رڪارڊ تي آهي ته ماضي ۾ ثاقب نثار چيو هو ته مريم ۽ نواز شريف کي جيل ۾ وجهي عمران خان کي آندو وڃي. هن چيو ته پي ٽي آ چيئرمين جڏهن مخالف ڌر ۾ هو ته هن احتجاج ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، الله جي فضل سان اسان ملڪ لا گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. هن چيو ته هو جڏهن وزيراعظم ٿيو ته آمريڪا ويندو هو ته نواز شريف جي جيل جي ڪمري مان ايئرڪنڊيشن هٽرائي ڇڏيندس، نواز شريف کي ڳچي ۾ رسي وجهي کي وزيراعظم هائوس مان ڪڍي ڇڏيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button