اسلام آبادپاڪستان

90 ڏينهن ۾ چونڊن جو امڪان ختم،تڪبنديون 30 نومبر تائين ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان 90 ڏينهن ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو امڪان ختم ٿي ويو، اليڪشن تڪڙو ٿيڻ بابت غيريقييني واري صورتحال پئدا ٿي وئي، ڪميشن تڪبندين جي مدي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪندي 30 نومبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين سان مشاورت ۽ انهن جي راءِ جي روشني ۾ تڪ بندين جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ مدي ۾ گهٽتائي ڪندي اعلان ڪيو آهي ته تڪ بندين جي حتمي پڌرائي هاڻي 30 نومبر 2023ع تائين ڪئي ويندي. ايڪسپريس نيوز موجب اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي مشاورت، راءِ ۽ تڪ بندين جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ تڪ بندين جي مدي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، هاڻي تڪ بندين جي حتمي پڌرائي 30 نومبر تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب تڪبندين جو مدو گهٽائڻ جو مقصد جلد کان جلد چونڊون ڪرائڻ آهي، ان تاريخ کي نظر ۾ رکندي چونڊن جي شيڊول جو به اعلان ڪيو ويندو.جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سياسي پارٽين جي مشاورت، سندن تجويزن ۽ راين جي روشني ۾ تڪ بندين جي ڪم جو مدو گهٽايو ويو آهي ته جيئن جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. وڌيڪ چيو ويو آهي ته هاڻي تڪن جي حتمي اشاعت 30 نومبر 2023 تي ٿيندي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته تڪ بندين جو مدو گهٽائڻ جو مقصد جلد کان جلد اليڪشن ڪرائڻ آهي، ان تاريخ کي نظر ۾ رکندي چونڊن جي شيڊول جو به اعلان ڪيو ويندو. اهڙو بيان اليڪشن ڪميشن ڪالهه گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي وفد سان مشاورتي اجلاس کانپوءِ جاري ڪيو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کان علاوه ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button