پاڪستانخيبرپختونخوا

نوازشريف جي ڏيهه ورڻ سان مهانگائي ختم ٿي ويندي:مريم نواز

پشاور : مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز، نواز شريف کي عوام جي اميد قرار ڏيندي چيو آهي ته سندس ڏيهه واپس ورڻ سان مهانگائي ۽ مايوسي ختم ٿي ويندي. ن ليگ خيبرپختونخوا ۾ صوبائي ڊويزن ۽ ضلعي جي سطح تي آرگنائزنگ ڪميٽين جي جوڙ جڪ ۽ يوٿ ڪو آرڊينيٽرز جي مقررين جو مرحلو مڪمل ڪري ورتو. ان موقعي تي مريم نواز چيو ته صوبي، ڊويزن، ضلعي کانپوءِ هاڻي تعلقي جي سطح تي يوٿ ڪو آرڊينيٽرز جي مقررين جو حتمي مرحلو مڪمل ڪنداسين. هن چيو ته ڪي پي کي ن ليگ جو قلعو بڻائڻو آهي، صوبي ۽ عوام کي ترقي جي رستي تي آڻڻو آهي، ترقي جوحق ڪي پي جو به آهي، ڏهن سالن تائين ڪي پي جي وسيلن کي لٽيو ويو، هيلي ڪاپٽر کان هيٺ پير نه رکيو، نوجوان ٻوڏ جي پاڻي ۾ مدد لاءِ واجهائيندا رهيا. مريم نواز چيو ته گذريل چئن سالن جي بربادي کي ٻيهر خوشحالي ۾ تبديل ڪرڻ جو اسان جو اعزم زنده آهي، نواز شريف عوام جي خدمت جي مخلصاڻي جذبي سان دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو، سي پيڪ جهڙي رٿا ٻيهر شروع ڪري بيروزگاري ۽ مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏياريو. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي قيادت ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي خلاف اعلانِ جنگ ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button