پاڪستانسنڌعالمي

گورنر سنڌ جي نوازشريف سان ملاقات،ملڪي سياسي صورتحال ۽ عام چونڊن بابت ڳالهيون

لنڊن :سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري لنڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف سان ملاقات ڪئي. سنڌ جي گورنر جي ترجمان موجب لنڊن ۾ ٿيل ملاقات ۾ اڳوڻو وزيراعظم شهباز شريف ۽ سينيٽر اسحاق ڊار به موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال، عام چونڊن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ شهباز شريف سان گڏ جمعي جي نماز ادا ڪئي ۽ پاڪستان جي ترقي، خوشحالي، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ دعا به ڪئي. نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري چيو ته نواز شريف انهن جو احتساب چاهي ٿو جن پاڪستان کي هن حالت ۾ آندو. هن چيو ته جن پاڪستان جي استحڪام کي نقصان پهچايو ۽ مهانگائي کي هن سطح تي پهچايو انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي حڪومت ملڪي معيشت کي خراب ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جا نتيجا اڄ سامهون اچي رهيا آهن. گورنر سنڌ چيو ته پرويز الاهي جي گرفتاري عدالتي معاملو آهي، هو ان تي تبصرو نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته نواز شريف بجلي جي بحران ۽ وڌندڙ بلن سبب سخت پريشان آهي، ساڻس پاڪستان ۾ استحڪام ۽ معيشت تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته نواز شريف جي وطن واپسي جو فيصلو هو پاڻ ڪندو، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جا نواز شريف کي سلام ڏنا آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button