اسلام آبادپاڪستانسنڌ

ڀٽائي شاعري ۾ دنيا کي انسانيت جو درس ڏنو: مرتصيٰ سولنگي

اسلام آباد : نگران سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مرتصيٰ سولنگي چيو آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ دنيا کي انسانيت جو درس ڏنو. غريب ۽ لاچار بيوس ۽ مظلوم عوام جي حمايت ۾ آواز بلند ڪيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 280هين عرس مبارڪ جي موقعي تي جمعي تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته شاعرن جو سرتاج، صاحب جلال و جمال، عوامي شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي سائين جو 280هون عرس مبارڪ ڍنڍ ڪراڙ جي ڪناري ڀٽ شاهه ۾ شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته شاهه عبدالليف ڀٽائي جي ڪلام جو نالو شاهه جو رسالو يعني پيغام لطيف آهي جنهن جو خلاصو اهو آهي ته عالم سڀ آباد ڪريو سندن اهو شعر هن طرح آهي منهنجي سنڌڙي تي به سائين رحمت هجي. هر ڀيري دوست منهنجا مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪريون. نگران وفاقي وزير چيو ته سنڌ ڌرتي تي اک کوليندڙ شاهه سائين جو پيغام پوري انسانيت لاءِ آهي جيڪو آفاقي آهي. محبت کي وڌائڻ انسانيت کي هٿي ڏيڻ ۽ درس جدوجهد سان مالامال آهي. هن چيو ته سڄي شاهه جي رسالي ۾ پاڻ پنهنجي شاعري ۾ دنيا کي انسانيت جو درس ڏنو آهي. مرتصيٰ سولنگي چيو ته شاهه سائين جي 280هين عرس مبارڪ تي لطيف سائين جي فقيرن کي منهنجو سلام پهچي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button