پاڪستان

پوليس اسٽيشن حملو ڪيس: ذوالفقار مرزا 6 سالن کان پوءِ بري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عدالت ذوالفقار مرزا خلاف پوليس اسٽيشن تي حملي ڪيس جو  فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ذوالفقار مرزا جي خلاف بدين ۾ پوليس اسٽيشن تي حملي جي ڪيس جو فيصلو 6 سالن بعد فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سميت 28 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس ساٿين خلاف بدين ۾ 2015 ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ پوليس بيان ڏنو هو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ساٿين سان گڏ ٿاڻي ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت ٻين جي خلاف شڪايت داخل ڪرائڻ لاءِ ويو هو، ذوالفقار مرزا پوليس اهلڪارن کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ ايس ايڇ او جي موبائل ڀڳي .

ٻئي پاسي ذوالفقار مرزا جو چوڻ هو ته اهو ڪيس ان وقت سنڌ حڪومت سياسي انتقام وٺڻ لاءِ داخل ڪرايو هو، عدالت ذوالفقار مرزا سميت ٻين جا بيان قلمبند ڪرڻ کان پوءِ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ذوالفقار مرزا سميت 28 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button