شوبز

پاڪ – انگلينڊ سيريز رد ٿيڻ بابت برطانوي هاءِ ڪمشنر جو وڏو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاڪستان دوري تان هٿ کڻڻ کانپوءِ جتي انگلش ڪرڪيٽر ۽ صحافي به اي سي بي کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن، اتي ئي وري برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر به ان حوالي سان وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو آهي.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪرسچن ٽرنر چيو ته اڄ هڪ افسوسناڪ ڏينهن آهي، پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ آهي، مان هتي پاڻ کي مڪمل محفوظ سمجهي رهيو آهيان.

سندس چوڻ هو ته ڪرڪيٽ اسان جي رت ۾ شامل آهي، اسان سڀ ڏکارا آهيون، برطانوي ٽيم کي 16 ورهين کانپوءِ پاڪستان اچڻو هو، دوري لاءِ وڏي محنت ڪئي، منهنجي سيڪيورٽي ايڊوائس ۾ ڪا تبديلي نه ٿي، اهو برطانوي حڪومت نه انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جو فيصلو آهي.

هن انڪشاف ڪيو ته برطانوي هاءِ ڪميشن طرفان سيڪيورٽي جو ڪو ايشو نه اٿاريو ويو، انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جو دورو سيڪيورٽي سببن جي ڪري رد نه ٿيو، نيوزيلينڊ جو دورو رد ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه رانديگر ڳڻتيءَ جو شڪار هئا، مان رڳو برطانوي حڪومت جي پوزيشن تي راءِ ڏئي سگهان ٿو.

ڪرسچن ٽرنر چيو ته رميز راجا جي ڪاوڙ ۽ مايوسي سمجهي سگهان ٿو، پاڪستاني رانديگر ڪرڪيٽ جا سچا ۽ زبردست سفير آهن، سفير طور منهنجو ڪم به ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ آهي، خاطري ٿو ڪرايان ته ايندڙ سال برطانوي ٽيم دورو ڪندي.

واضح رهي ته ورلڊ ڪپ کان اڳ انگلش ڪرڪيٽ ٽيم کي 14 ۽ 15 آڪٽوبر تي راولپنڊي ۾ پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏڻيون هيون پرنيوزيلينڊ کانپوءِ گذريل ڏينهن انگلينڊ پڻ پاڪستان خلاف سيريز رد ڪرڻ جو باقاعدي طور اعلان ڪري ڇڏيو هو.

Name
Ijan AHmad

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button