پاڪستانسنڌ

پيروسڻ ويجهو پراڻي تڪرار تان هٿياربندن اڌڙوٽ کي قتل ڪري ڇڏيو

پيروسڻ: پيروسڻ ڀرسان ڳوٺ مروڙو ۾ 30 سال پراڻي تڪرار تان موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن گوليون ھڻي 50 سالن جي اڌڙوٽ مريد حسين ٻانڀڻ کي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته سيري واسي عبدالفتاح خاصخيلي مرڻينگ ٿي پيو. اطلاع تي ٺري ميرواهه پوليس زخمي ۽ مقتول جي لاش کي تعلقه اسپتال پهچايو، جتان مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ان حوالي سان مقتول جي ڀاءُ فضل الڪريم ٻانڀڻ ۽ ٻين وارثن الزام مڙھيندي چيو ته تقريبن 30 سال اڳ اسان مٿان شھداد ٻانڀڻ جي قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو، جنهن ۾ اسان سزائون ڀوڳيون، پر غلام حسين عرف گولو ٻانڀڻ جي ڌر جي ھٿياربندن اسان جي ڀا مريد حسين ٻانڀڻ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف مريد حسين ٻانڀڻ جو مڙهھ گھر پُھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. هوڏانهن اڌڙوٽ جي قتل بعد ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن. جڏھن ته پوليس جوابدار ڌر جي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button