اسلام آبادپاڪستان

صدر جو وزيراعظم کي خط/نگران حڪومتن جي ڊگهي قيام تي ڳڻتي

اسلام آباد :صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن صوبن ۾ نگران حڪومتن جي 90 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي کان قيام جي قانوني حيثيت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان حوالي سان چوڌري فواد حسين جو خط وزيراعظم کي موڪلي ڇڏيو. خط ۾ صدر وزيراعظم کي ملڪ ۾ آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جو استحڪام يقيني بڻائڻ لاءِ اڳوڻي وفاقي وزير پاران اٿاريل مسئلن تي غور ڪرڻ جو چيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب چوڌري فواد حسين صدر جي نالي پنهنجي خط ۾ ملڪ جي ٻن صوبن ۾ عبوري سيٽ اپ جي قانوني حيثيت جي حوالي سان مسئلن جي نشاندهي ڪندي چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ عبوري حڪومتن پنهنجو مقرر مدو پورو ڪري ورتو آهي. آئين ۾ عبوري سيٽ اپ جي مقرر مدي کي جاري رکڻ/ توسيع جو ڪو ذڪر نه آهي. نگران حڪومتون آئين جي آرٽيڪل 224 موجب اليڪشن ڪميشن کي آئين ۽ قانون موجب آزاداڻي، منصفاڻي ۽ ديانتداراڻي انداز ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ متعارف ڪرايون ويون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي چيو آهي ته هو پاڪستان ۾ آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جي مضبوطي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان معاملي جو جائزو وٺي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button