اسلام آبادپاڪستان

بلاول شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت ويندو

اسلام آباد :پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ ايندڙ مهيني گووا ويندو. ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر سان اسان جا لاڳاپا ۽ خطي لاءِ پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۾ پاڪستاني عزم جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ۾ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري وفد سان گڏ ايندڙ مهيني ڀارت جي شهر گووا ۾ 4 ۽ 5 مئي تي ٿيندڙ پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. هن چيو ته پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڀارت جي پرڏيهي وزير ۽ ايس سي او جي موجوده چيئرمين ايس جي شنڪر جي دعوت تي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گذريل سال جولاءِ ۾ تاشقند ۾ ڪوٺايل اجلاس ۾ به شرڪت ڪئي هئي. پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم سان پراڻن لاڳاپن سبب اجلاس ۾ شرڪت ڪري ٿو. تنظيم جو موسمياتي تحفظ بابت چوٿون وزارتي اجلاس 18 اپريل 2023 تي نئين دهلي ۾ آن لائن ٿيو هو. نئين دهلي ۾ ٿيل اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان ڪئي جتي پاڪستان ماحولياتي استحڪام ۽ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي سطح تي گڏيل انداز ۾ ڪم تي زور ڏنو. اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي نيشنل ڊيزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر سليم شهزاد ملڪ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button