اسلام آبادپاڪستان

روس کان رعايتي تيل جو پهريون آرڊر جاري ڪري ڇڏيو:مصدق ملڪ

اسلام آباد : پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان روس کان رعايتي تيل جو پهريون آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي.پنهنجي بيان ۾ مصدق ملڪ چيو ته روس سان رعايتي تيل خريداري جو معاهدو ٿي ويو آهي، پاڪستان کي رڳو روسي ڪچو تيل ملندو، ريفائنڊ تيل نه ملندو.هن ٻڌايو ته روس طرفان رعايتي تيل جو پهريون ڪارگو مئي ۾ پاڪستان پهچندو پر روسي تيل خريدڻ لاءِ ڊسڪائونٽ ريٽ ظاهر نٿو ڪري سگهجي. سندس چوڻ هو ته روس کان حاصل ڪچو تيل پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ ۾ ريفائن ٿيندو، پاڪستان جو روز هڪ لک بيرل روسي تيل درآمد ڪرڻ جو منصوبو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button