اسلام آبادپاڪستان

آئين کي ٻيهر لکڻ ڪرڻ جو اختيار عدليا نه پارليامينٽ وٽ آهي:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عدليا آئين جي تشريح ڪري سگهي ٿي، ان کي ري رائيٽ نٿي ڪري سگهي، اهو اختيار رڳو پارليامينٽ کي آهي. اسلام آباد ۾ ڪينسٽيٽيوشن موبائل ايپ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته آئين پارليامينٽ جي هنج مان جنم ورتو آهي، سڀني ادارن کي آئين جي پاسداري لاءِ هڪ ٿيڻو پوندو. هن چيو ته ڪڏهن ناهي ٿيو ته پارليامينٽ ڪو قانون ٺاهي ۽ عدليا ان تي منع نامو جاري ڪري ڇڏي. رياست کي بچائڻ لاءِ پنهنجو سياسي اثاثو قربان ڪرڻ ۾ نه ڪيٻائينداسين. هن چيو ته اهو رڳو اسان جي ملڪ ۾ نه پر سڄي دنيا جي ملڪن جو اصول آهي. دنيا ۾ ڪٿي به اهڙو مثال نه ٿو ملي ته قانون ٺاهڻ کان اڳ ان تي پابندي جو حڪم جاري ڪيو وڃي، ان معاملي تي پارليامينٽ پنهنجو آئيني حق استعمال ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button