اسلام آبادپاڪستان

ڳالهين ۾ اڳڀرائي تي سپريم ڪورٽ حڪم تي غور ڪري سگهي ٿي:چيف جسٽس

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ ۾ چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ جي ڪيس جي شنوائي 27 اپريل تائين ملتوي ڪندي چيف جسٽس شنوائي دوران ريمارڪس ڏنا ته عدالت پنهنجو 14 مئي جو فيصلو واپس نه وٺندي. ڳالهين ۾ اڳڀرائي تي سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم تي غور ڪري سگهي ٿي. چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ درخواستن جي شنوائي ڪئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته گذارش هوندي پارٽي سربراهه عيد کانپوءِ نه اڄ ئي ويهن، جولاءِ ۾ وڏي عيد ٿيندي، ان کانپوءِ چونڊون ٿي سگهن ٿيون. عيد کانپوءِ چونڊن جي تجويز سراج الحق جي آهي. چيف جسٽس واضح ڪيو ته عدالت پنهنجو 14 مئي جو فيصلو واپس نه وٺندي، ڪنهن فيصلو چئلينج نه ڪيو، عدالتي فيصلي کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، فيصلو واپس وٺڻ مذاق ناهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته بچاءَ واري وزارت به اها ئي اپيل ڪئي ته چونڊون هڪ ڏينهن ٿين، درخواستگذار به اهو چئي رهيو آهي ته چونڊون گڏ ٿين. اٽارني جنرل اهو نقطو اٿاريو پر سياست جي ور چڙهي ويو. فاروق نائيڪ به چاهيو پر بائيڪاٽ ٿي ويو، پ پ اڳواڻ به ڳالهين کي ساراهين ٿا، ن ليگ به ڳالهين جي تجويز کي ساراهيو آهي. شنوائي دوران وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ملڪ ۾ نگران حڪومتن ذريعي چونڊون ٿيڻ گهرجن، سياسي معاملا پارٽين وچ ۾ طئي ٿيڻ گهرجن، سياسي معاملي ۾ ڪنهن اداري کي مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير خواجا سعد رفيق روسٽرم تي اچي چيو ته قيادت سان مشوري کانپوءِ حاضر ٿيا آهيون، ماحول ڏکيو آهي پر 22 ڪروڙ عوام جو مسئلو آهي. چونڊون سڄي ملڪ ۾ گڏ ٿيڻ گهرجن، چونڊن تي ڳالهين لاءِ مڪمل طور تيار آهيون. پ پ جي قمر زمان ڪائرا عدالت ۾ پيش ٿي چيو ته خواجا سعد رفيق جي گفتگو سان مڪمل اتفاق ڪيان ٿو، جڏهن ملڪ ۾ تڪرار وڌي وڃن ته ويهي سياسي قوتن کي حل ڪڍڻو پوندو آهي، عدالت ۽ قوم کي خاطري ڪرايون ٿا ته ملڪ لاءِ بهتر فيصلا ڪنداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته آئيني ۽ جمهوري رستو چونڊون ئي آهي، ن ليگ قيادت چيو چونڊون چاهيون ٿا ته اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون، پنهنجي حڪومت ڇڏڻ آسان نه هو، حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ جيڪو ٿيو سڀني جي سامهون آهي، ن ليگ اسيمبليون ٽوڙڻ کانپوءِ فيصلي تان ڦري وئي. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيف جسٽس سان مڪالمو ڪندي چيو ته وڏي عيد کانپوءِ مناسب تاريخ تي چونڊون ٿيڻ مناسب هوندو، عدالت اهو معاملو سياستدانن تي ڇڏي ۽ پاڻ کي ڪامياب ڪري. فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته پي ٽي آ سان ڳالهين جي شروعات ٿي وئي آهي. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته سياسي پارٽين گڏجي چونڊن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، بلاول ڀٽو ان حوالي سان مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي، هو عيد کانپوءِ حڪومتي اتحاد اندر سياسي ڳالهيون مڪمل ڪري وٺندا. ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ سان ٻيهر ڳالهيون ڪنداسين ۽ انهن ڳالهين ذريعي سياسي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. پيپلز پارٽي جي وڪيل چيو ته چونڊون جلد کان جلد هڪ ئي ڏينهن تي ٿيڻ گهرجن ۽ ملڪ ۾ نگران حڪومتن ذريعي چونڊون ڪرايون وڃن، سياسي معاملا پارٽين جي وچ ۾ طئي ٿيڻ گهرجن، ڪنهن به اداري کي سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته فاروق ايڇ نائيڪ به چيو هو ته هڪ ئي وقت چونڊون ڪيون وڃن. اسان آصف زرداري جا شڪر گذار آهيون، هن اسان جي تجويز تي اتفاق ڪيو ۽ مسلم ليگ ن به ان تجويز تي ڳالهايو آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڳالهين ۾ هٺ ڌرمي​نه ٿي اچي سگهي، ٻه طرفي ڏي وٺ سان ڳالهيون ڪامياب ٿي سگهن ٿيون، گذارش ڪئي ويندي ته پارٽي اڳواڻ اڄ ويهن عيد کانپوءِ نه.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button