عالمي

چندريان 3 چنڊ تي لهڻ لاءِ تيار، تازيون تصويرون بھ موڪلي ڇڏيون

روس جو چنڊ جي خطرناڪ پاسي تي لهڻ وارو مشن ناڪام ٿيڻ ۽ خلائي شٽل جي تباهي بعد ڀارت چندريان 3 جي معاملي ۾ تمام گهڻو محتاط ٿي ويو آهي، عالمي ميڊيا رپورٽ ڪري رهيو آهي تھ ڀارت جي خلائي اداري اسرو چندريان 3 جي گاڏي وڪرم چنڊ جي ڏاکڻي قطب واري هنڌ تي لهڻ لاءِ محفوظ جڳهه ڳولي رهيو آهي ۽ ڀارتي خلائي سائنسدانن کي اميد آهي تھ سندن ٽيون خلائي مشن چنڊ جي خطرناڪ ۽ اونداهي پاسي جا ڳجهه هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو ۽ وڪرم جي ڪاميابي سان هو دنيا جي چوٿين ملڪ طور سامهون ايندا،

چندريان 3 جي چنڊ تي روانگي وارو منظر

جنهن سان هو سائنس جي دنيا ۾ خلائي دنيا ۾ موجودگي مڃائي سگهن ٿا. چندريان 3 جي گاڏي وڪرم چنڊ جي ڏاکڻي قطب جي چوڌاري چڪر ڪاٽي رهيو آهي ۽ اتي لهڻ لاءِ تيار آهي، معاملو 23 آگسٽ جي شام 6 وڳي تائين لهڻ چٽو ٿي ويندو. وڪرم ڪاميابي سان چنڊ جي مدار ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، جتان هن ڏاکڻ قطب جون ڪجهه تصويرون پڻ موڪليون آهن، جن تي اسرو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سائنسدانن جي ڪوشش آهي تھ اهي مشن کي ڪامياب بڻائين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button