پاڪستانسنڌ

ڪارونجهر بچائڻ لا سنڌياڻيون ميدان ۾ اچي ويون، ننگرپارڪر ۾ زبردست احتجاج

مٺي/ننگرپارڪر: ڪارونجهر بچائڻ لا سنڌياڻيون ميدان تي اچي ويو، ننگرپارڪر ۾ ڪارونجهر جي نيلامي خلاف سنڌي عورتن ڀرپور احتجاج ڪيو. خبر موجب سنڌ جي مختلف علائقن مان ننگرپارڪر پهتل سنڌياڻين ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف ڪامريڊ نظير قريشي، نسيم لغاري، ماروي عابده سمون، اي جي پي جي مرڪزي صدر سيد لال شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ڪارونجهر جي هنج ۾ مظاهرو ڪيو. سنڌياڻين ۽ اي جي پي ڪارڪنن جي هٿن ۾ جهنڊا ۽ ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف نعرن وارا پلي ڪارڊ کنيل هئا. ننگرپارڪر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورتن جي احتجاج سبب عوام جو وڏو انگ گڏ ٿي ويو. احتجاج ۾ سنڌي عورت تنظيم سورمي سٿ، ممتا راج گروپ، ايس يو پي جي ليڊيز ونگ جي ڪارڪنن سميت اي جي پي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪامريڊ نظير قريشي، نسيم لغاري، ماروي عابده سمون، شاهانه ميمڻ، زينت چانڍيو، ارچنا مهشوري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪارونجهر اسان جو قومي، ثقافتي ورثو ۽ مزاحمتي مورچو آھي، ان خلاف هر سازش جو مقابلو ڪنداسين، ڪارونجهر سنڌ جي مٿي جو جهومر آھي، جنهن جي انچ انچ جي حفاظت لا سنڌ جون عورتون پنهنجو ڀرپور عوامي جدوجهد ۽ مزاحمت ذريعي ڪردار ادا ڪنديون. هنن چيو ته حڪمرانن سڄي سنڌ کي نيلام ڪرڻ جو عزم ڪيو آھي. ايتري زمين ڇڏين جو سڀاڻي کين دفن ڪرڻ لا زمين جو ٽڪرو نصيب ٿئي. هنن چيو ته سنڌ جون عورتون قومي وجود ۽ قومي ورثا بچائڻ لا سجاڳ آھن. ڪارونجهر ڪٽڻ خلاف سنڌياڻيون سخت مزاحمت لا تيار آھن، ڪارونجهر جي ڪٽائي جو فيصلو واپس وٺي ڪارونجهر کي ورلڊ هيريٽيج ڊڪليئر ڪيو وڃي. ۽ ڪارونجهر جو هڪ هڪ پٿر اسان لا مقدس آھي، جنهن سان هٿ چراند جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. ڪارونجهر اسان جي قومي ثقافتي نشاني ۽ تاريخ جي وڏي مزاحمت جو مورچو آھي. احتجاج ۾ اي جي پي جي اڳواڻن لال شاهه، حريف چانڊيو، گلاب را ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪارونجهر اسان جي صدين جي تهذيب ۽ ثقافت جو گلدستو آھي، ان جي نيلامي ڪنهن به صورت ۾ ڪرڻ نه ڏني ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button