اسلام آبادپاڪستان

صدر ٻئي بل واپس نه موڪليا،اسٽاف تي الزام نه مڙهي،پاڻ ذميوار آهي:نگران حڪومت

اسلام آباد: قانون ۽ انصاف واري وزارت صدر جي بيان تي چيو آهي ته صدر کي پنهنجي عمل جي ذميواري پاڻ کڻڻ گهرجي. بلن کي خدشن يا منظوري کانسواءِ واپس ڪرڻ جو اختيار آئين ۾ ناهي ڏنو ويو. ڪالهه وزارت چيو آهي ته هن پنهنجي عملي کي ڏوهاري قرار ڏيڻ جي چونڊ ڪئي، صدر کي پنهنجي عمل جي ذميواري پاڻ کڻڻ گهرجي.آرمي ايڪٽ ترميمي بل ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ترميمي بل جي منظوري بابت صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي ٽوئيٽ تي قانون ۽ انصاف واري وزارت جو ردعمل سامهون آيو آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 75 موجب، جڏهن ڪو بل منظوري لاءِ موڪليو ويندو آهي ته صدر وٽ ٻه اختيار هوندا آهن، يا ته هو بل جي منظوري ڏئي يا مخصوص خدشن سان معاملو پارليامينٽ ڏانهن واپس اُماڻي ڇڏي، آرٽيڪل 75 پٽاندڙ صدر وٽ ٽيون آپشن ناهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آرمي ايڪٽ ترميمي بل ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ترميمي بل واري معاملي ۾ ڪنهن به اختيار عمل ناهي ڪيو ويو، پر صدر ڄاڻي واڻي منظوري ۾ دير ڪئي، بلن کي خدشن يا منظوري کانسواءِ واپس ڪرڻ جو اختيار آئين ۾ ناهي ڏنو ويو. اهڙو قدم آئين جي روح جي ابتڙ آهي، جيڪڏهن صدر کي بل تي خدشا هئا ته هو پنهنجي خدشن سان گڏ بل واپس ڪري سگهي پيو، جيئن هو ماضي ۾ به ڪيئي ڀيرا ڪري چڪو آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت وڌيڪ چيو ته هو ان سلسلي ۾ هڪ پريس رليز به جاري ڪري سگهن پيا، اِها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته صدر پنهنجي ئي عملي کي ڏوهاري قرار ڏنو. هوڏانهن سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صدر ٻئي بل واپس نه موڪليا، هاڻي قانون عمل ۾ اچي ويو آهي. قانون واري وزير احمد عرفان اسلم جو چوڻ آهي ته صدر کي بل منظور ڪرڻ يا اعتراضن سان واپس موڪلڻ لاءِ 10 ڏينهن جو وقت هوندو آهي. جيڪڏهن ٻئي رستا نه ورتا وڃن ته قانون نوٽيفائي ٿي ويندو آهي. مرتضي سولنگي چيو ته نگران حڪومت جي ڪا به سياسي ايجنڊا يا سياسي مينڊيٽ ناهي، قانون واري وزارت جي وضاحت کانپوءِ صدر مملڪت جي ٽوئيٽ سبب پيدا ٿيل ابهام ختم ٿي ويو آهي. صدر مملڪت رياست جو سربراهه آهي سندس عهدو مان جو گهرجائو آهي، ڪو اميد نه ڪري ته اسان صدر جي مان خلاف ڳالهائينداسين، قانوني ۽ آئيني ابهام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته نگران حڪومت آئين اندر رهندي جواب ڏيندي. ابهام ختم ڪرڻ لاءِ نگران حڪومت جي ڪوشش کي سياسي رنگ نٿو ڏئي سگهجي. اهڙو اظهار هن ڪالهه قانون واري نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر محمد عاصم کچي به موجود هو. نگران وفاقي وزير چيو ته صدر مملڪت عارف علوي پنهنجي ذاتي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان پارليامينٽ طرف ٻن بلن بابت ٽوئيٽ ڪيو جنهن سبب ابهام واري صورتحال پيدا ٿي پر ڪنهن به قسم جي ڪا ڀونچال نه آئي، صورتحال واضح آهي. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته قانوني نڪتن جي وضاحت ڪئي وڃي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته صدر مملڪت جي آئيني عهدي تي رهڻ جي خواهش يا منشا جي خبر ناهي، صدر مملڪت رياست جو سربراهه آهي ان لاءِ تمام گهڻي عزت آهي، ملڪ ۾ قانون ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ادارا موجود آهن، شهرين جي حقن جي فراهمي ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ پورو نظام موجود آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته مفروضن تي نه پر حقيقت تي ٻڌل ڳالهه ڪنداسين. هن چيو ته اسان قطئي اهڙو ڪو عمل نه ڪنداسين جيڪو آئين ۽ قانون خلاف هجي. هڪ سوال تي سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان آئيني عهدي جي عزت ۽ احترام کي نظر ۾ رکيو آهي.اسان مفروضن تي نه ڳالهائينداسين، صدر مملڪت جي عملي جي حوالي سان ڪو تبصرو نٿا ڪرڻ چاهيون ۽ نه ئي کين ڪو مشورو ڏئي سگهون ٿا، هي اسان جو اختيار نه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button