پاڪستانسنڌ

اليڪشن ڪمشنر سنڌ پ پ جو سهولتڪار آهي:زين شاهه

ڪراچي: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ نگران حڪومت ۽ ان جي صوبائي ڪابينا جي مقرري وارو مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي، اعلى بيرو ڪريسي ۾ چيف سيڪريٽري ۽ آئي جي سنڌ جي بدلي سٺا قدم آهن. ڪراچي مان جاري ڪيل بيان موجب هن وڌيڪ چيو ته پ پ سنڌ ۾ خوف جي علامت بڻجي چڪي آهي، جنهن 15 سالن ۾ پنهنجي دور اندر بيورو ڪريسي کي استعمال ڪري سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي حقن کان محروم رکيو. ايس ايڇ اوز ۽ مختيارڪار سميت خاص طور پوليس ۽ روينيو ۾ مقرر ڪيل ماڻهو قانون جي پاسداري بدران لوڪل علائقن جي بنگلن کان حڪم ملڻ جي انتظار ۾ هوندا آهن، جنهن سبب قانون جا بکيا اڊيڙي 15 سالن ۾ پ پ عوام کي ڊيڄاري حڪمراني ڪندي رهي. هاڻ نگران سرڪار، چيف سيڪريٽري ۽ آئي جي سنڌ جي ذميواري آهي ته 15 سالن ۾ هيٺين سطح تي مقرر ڪيل ملازمن کي بدلي ڪري غير جانبدار ملازم مقرر ڪيا وڃن، ته جئين چونڊون شفاف ٿين. هن چيو ته صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز چوهاڻ مڪمل جانبدرا ۽ پ پ جو سهولتڪار بڻيل آهي، جنهن لا وفاقي اليڪشن ڪمشنر به پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته سنڌ ۾ بلدياتي اليڪشن جو تجربو سٺو ثابت ناهي ٿيو. اسان جو مطالبو آهي ته ان کي فوري طور هٽايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button