پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ چانهه جا پئسا گهرڻ تي عملدارن پورهيت جي ريڙهو بند ڪرائي ڇڏيو

جهڏو: جهڏو ۾ مارڪيٽ ڪميٽي جي عملدارن چانهه جا پئسا گهرڻ تي پورهيت جي چانهھ جي ريڙهي بند ڪرائي ڇڏي. 15 ڏينهن کان بيروزگار پورهيت ريڙهي تي معصوم ٻار کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو. سبزي منڊي ۾ ريڙهي تي چانهھ وڪرو ڪندڙ پورهيت حسين دل ميڊيا سينٽر اڳيان پنهنجي معصوم ٻارن سميت احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته 15 سالن کان سبزي منڊي ۾ ريڙهي تي چانھه ٺاهي وڪرو ڪري ٻارن جو پيٽ گذر ڪندو آهيان، سبزي منڊي ۾ مقرر مارڪيٽ ڪميٽي جي عملدارن نواز ميمڻ ۽ ابراهيم ڪلوئي ڏانهن منهنجا چانهه جا پئسا رهيل هئا، پئسا گهرڻ تان هنن مڇرجي منهنجي چانهه جي ريڙهي بند ڪرائي ڇڏي آهي، هاڻ 15 ڏينهن کان بيروزگار آهيان، گهر ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي، منھنجو روزگار بند ڪري مون سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي. هن ڪمشنر ۽ ڊي سي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button