پاڪستانسنڌ

نئون آباد ۾ نوجوان جي قتل خلاف هڙتال، 4 ڪلاڪ ڌرڻو

ڄام نواز علي: ٻيراڻي ۾ 3 ڏينهن اڳ قتل ٿيل پورهيت اختر عرف دولو مهر جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لا نئون آباد شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، وارثن، شهرين ۽ واپارين احتجاجي مظاهرو ڪري نوابشاهه-ميرپورخاص ريلوي ٽريڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، ڪيترن ئي ماڻهن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي پوليس جي خلاف نعربازي ڪئي، ڌرڻي سبب ڄام نواز علي-ڪنڊياري مين روڊ بند ٿي ويو ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي جي يو آئي اڳواڻ غلام محمد مري، اسلم مهر، انساني حقن جي اڳواڻ عبدالغفار نظاماڻي، جبار جوڻيجو، پير بخش مهر ۽ محمد علي کوسو چيو ته ڄام نواز علي تعلقي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، 2 نوجوان بيگناهه قتل ڪيا ويا آهن، پوليس جاچ ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي آهي، هتي ڦرون ۽ چوريون روز جو معمول بڻيل آهن، سڄو علائقو ڏوهارين جي لپيٽ ۾آهي، ڪو به ماڻهو محفوظ نه آهي. ٻيراڻي پوليس ڏوهارين خلاف ڪا ڪاروائي ناهي ڪئي. اختر عرف دولو مهر جي قتل ۾ ملوث ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن، سج لهندي ئي ڄام نواز علي جا ننڍا وڏا شهر خوف وچان بند ٿي وڃن ٿا. اڳواڻن ايس ايس پي سانگهڙ کان گهر ڪئي ته اختر مهر ۽ زورار علي ڪٽوهر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي 4 ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي ڄام نواز علي پريز اختر قريشي ۽ ايس ايڇ او نئون آباد مظاهرين وٽ پهچي ڳالهيون ڪيون ۽ خاطري ڪرائي ته ايس ايڇ او ۽ جانچ آفيسر کي کي هٽائي ٻن ڏينهن اندر جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. جڏهن ته مقتول جي پي اسلم مهر جي فرياد تي پوليس 3 نامعلوم ماڻهن تي قتل ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button