شوبز

فاطما جناح ڊرامي ۾ سياستدان ۽ فوج جي ڪردار تي روشني وڌل آهي: سميعا ممتاز

پاڪستان جي سينيئر اداڪارا سميعا ممتاز چيو آهي تھ ڊراما سيريز فاطما جناح ۾ ان دور جي هر سياستدان ۽ فوج جي ڪردار تي روشني وڌي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ هن ڊرامي ۾ فاطما جناح جي ڪردار کي تاريخ جي پسمنظر ۾ لکيو ويو آهي، مون سندس پوڙهائپ وارو ڪردار ڪيو آهي، تنهنڪري ان جيان هلڻ، لباس پائڻ جي ڀرپور پريڪٽس ڪئي آهي، ايستائين جو سيٽ تي شوٽنگ کان اڳ غرارو پائي فاطما جناح جيان هلڻ ۽ انداز اختيار ڪرڻ جا بھ جتن ڪيا آهن.

پاڪستاني اداڪارا سميعا ممتاز

سميعا ممتاز ٻڌايو تھ فاطما جناح جو موت قدرتي هو يا قتل ڪئي وئي، ان جو جواب هن سيريز ۾ ڏنو ويو آهي.هن چيو تھ ايڏي وڏي هستي جو ڪردار ڪرڻ وڏي ذميواري آهي، جنهن کي نڀائڻو پوي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو تھ اسان وٽ اڄڪلهه ڊراما عشق، محبت، شادي، سس، ننهن ۽ طلاق جي موضوعن کان ٻاهر نٿا تيار ٿين، ڊراما ميڪرز کي سماج جي وڏن مسئلن تي ڪهاڻيون ڊرامن ۾ تبديل ڪري پيش ڪرڻ گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button