شوبز

حريم شاهه شهباز شريف جي مبينا دوست سان وڊيو ليڪ ڪري ڇڏي

پاڪستان جي تڪراري ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جي هڪ مبينا عورت دوست سان گڏ وڊيو ليڪ ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پي ٽي آئي سربراهه عمران خان جي گرفتاري بعد وڊيوز ليڪ ڪرڻ جي ڌمڪين بعد حريم پهرين وڊيو شاهه شهباز شريف جي ليڪ ڪئي آهي، جنهن هو هڪ هوٽل ۾ پنهنجي هڪ مبينا دوست سان گڏ نظر اچي رهيو آهي. حريم شاهه پاران ٽوئيٽر تي ليڪ ڪيل وڊيو ۾ شهباز شريف لنڊن جي هڪ هوٽل ۾ اڳوڻو وزيراعظم دوست سان ڪچهري بعد ڪمري ۾ ويندي نظر اچي ٿو. هوڏانهن شهباز شريف جي ليڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي، جنهن کي ڪيترن ئي ماڻهن شيئر بھ ڪري ڇڏيو آهي.

حريم شاهه پاران شهباز شريف جي ليڪ ڪيل وڊيو

حريم شاهه وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو تھ هي پهرين وڊيو آهي، جنهن ۾ چار شاديون ڪندڙ شهباز شريف لنڊن جي هڪ هوٽل ۾ پنهنجي نئين دوست سان گڏ پهرين بالڪوني ۾ ويهي چانهه پئي ٿو، بعد ۾ هو ان سان گڏ ڪمري ۾ هليو ويندو آهي. هن شهباز شريف لاءِ گٿا لفظ پڻ لکيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button