عالمي

ڀارت چندريان 3 مشن ذريعي چنڊ جي ويجهو پهچي ويو

ڀارت چنڊ تي پهچڻ جي مشن، چندريان 3 ۾ ڪاميابي جي ويجهو پهچي ويو آهي، سندس شٽل وڪرم لينڊر ڪاميابي سان چندريان 3 کان ڌار ٿي ويو آهي، جيڪو 23 آگسٽ تي چنڊ تي پهچي ڪامياب لينڊنگ ڪندو. ڀارتي رپورٽن ۾ چيو ويو آهي تھ چندريان 3 جي چنڊ تي ڪامياب لينڊنگ بعد ڀارت چنڊ تي پهچڻ وارو دنيا جو چوٿون ملڪ بڻجي ويندو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ چندريان 3 تاريخي مقام ماڻڻ جي ڪوششن ۾ ڪجهه مفاصلي تي موجود آهي. بنيادي طور چندريان 3 مشن جو خلائي جهاز ٻن حصن ۾ ورهايل هو، جنهن مان وڪرم لينڊر کي باقي حصي کان ڌار ٿي چنڊ تي لينڊنگ ڪرڻي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button