پاڪستانسنڌ

ناياب نسل جي انڌي ٻلهڻ کي بچائڻ لا ٻلهڻ فائونڊيشن قائم

ڪراچي :پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي جونيئر ذوالفقار، سندس ڀيڻ فاطما ڀٽو ۽ دوست منال منشي سان گڏجي سنڌو درياهه ۾ ملندڙ ناياب ٿڻائتي جانور انڊس ڊولفن کي بچائڻ لاءِ هڪ تنظيم ٺاهي ورتي آهي. جونيئر ذوالفقار پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ چيو ته هن سنڌو درياهه جي انڊس ڊولفن کي بچائڻ لاءِ ‘ٻلهڻ فائونڊيشن’ قائم ڪئي آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ‘ٻلهڻ’ چيو ويندو آهي. هن هڪ مختصر وڊيو ۾ چيو ته ‘ٻلهڻ فائونڊيشن’ جو ڪم صرف انڊس ڊولفن جي تحفظ ۽ نسل جي حوالي سان ڪردار ادا ڪرڻ هوندو. هن وڊيو ۾ انڊس ڊولفن جي موجودگي کي سنڌ جي ماحول سان ڳنڍيندي چيو ته هن جي موجودگي ملڪ جي ماحول لاءِ بهتر آهي. هن مداحن کي پڻ اپيل ڪئي ته اهي ‘ٻلهڻ فائونڊيشن’ جي سوشل ميڊيا پيجز کي فالو ڪن ۽ انڊس ڊولفن جي تحفظ لاءِ سندس تنظيم جو ساٿ ڏين. ذوالفقار جونيئر ۽ سندس ڀيڻ فاطما ڀٽو سنڌ ۾ انڊس ڊولفن سميت ٻين ناياب نسلن جي بچاءَ لاءِ پنهنجي ڪم لاءِ سڃاتا وڃن ٿا ۽ ٻئي ماحوليات جي بهتري ۽ ماحولياتي آلودگي کان متاثر ٿيندڙ انسانن ۽ جانورن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندا نظر اچن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button