پاڪستانسنڌ

ناپرڪوٽ مان اغوا ڪيل 2 ماڻهو ٻن ڏينهن جي جدوجهد بعد بازياب

ڪرمپور: ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد انڊس ھائي وي تي ڌاڙيلن ڪاهھ ڪري مزدا گاڏي تي فائرنگ ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ بھادر خان بگٽي ۽ علي خان بگٽي قتل ٿي ويا ۽ عبدالواحد بگٽي زخمي ٿي پيو. ڌاڙيل ٻن ڄڻن احمد حسين ۽ محمد حسين کي اغوا ڪري ويا ھئا، مقتولن سان انصاف ۽ مغوين جي بازيابي لا بگٽي برادري 2 ڏينهن کان ڪرمپور ڀرسان ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو. بعد ۾ شڪارپور، جيڪب آباد ۽ سکر روڊ تي پڻ ڌرڻا هنيا ويا، جيڪو احتجاج مسلسل ٻن ڏينهن کان جاري هو. جنھن ۾ بگٽي برادري جا چڱا مڙس جلال خان ڪلپر بگٽي، لياقت بگٽي، گھرام خان بگٽي ۽ ٻيا چڱا مڙس ۽ سوين ماڻهو شريڪ ٿيا. جڏهن ته 4 ڏينهن بعد شڪارپور پوليس مبينا مقابلي دوران ٻنهي مغوين احمد حسين ۽ محمد حسين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. جڏھن ته مقابلي ۾ ڪو به ڏوھاري گرفتار نه ٿي سگهيو. 4 ڏينهن گذرڻ باوجود واقعي جو ڪيس به داخل نه ٿي سگھيو آھي. ھوڏانھن مغوين جي بازيابي تي بگٽي برادري ۾ خوشي جي لھر ڇانيل آھي. ايس ايس پي آفيس مان مغوين کي وارثن حوالي ڪيو ويو، جنھن بعد مغوي احمد حسين بگٽي ۽ محمد حسين بگٽي کي لکي غلام شاهھ نيشنل ھائي وي تي لڳل ڌرڻي تي آندو ويو، جنھن بعد ڌرڻو ختم ڪري بگٽي برادري جا ماڻهو ڊيرا بگٽي روانا ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button