اسلام آبادپاڪستانسائنس ۽ ٽيڪنالاجي

ڀارت پاران چنڊ تي وڃڻ اهم سائنسي فتح آهي:پاڪستان

اسلام آباد : پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ پاڙيسري ملڪ ڀارت پاران چنڊ تي وڃڻ کي اهم سائنسي فتح قرار ڏيندي چيو ته ڀارت جو چنڊ تي وڃڻ تي ڀارتي اسپيس ريسرچ آرگنائيزيشن ساراهه جو حقدار آهي. ڪالهه هن هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته وزيراعظم انورالحق ڪاڪڙ گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو هو جنهن دوران وزيراعظم کي پاڪستان جي ٻين ملڪن سان لاڳاپن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم انورالحق ڪاڪڙ پرڏيهي وزارت کي پنهنجو پرڏيهي پاليسي جو تصور ڏنو ۽ اوورسيز پاڪستانين کي سهولت ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته ايل او سي تي ڀارتي فائرنگ تي پاڪستان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. برڪس بلاڪ ۾ شموليت لاءِ ڪا درخواست ناهي ڏني، پاڪستان جي ڀارت ۾ شيڊول ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جو تفصيل پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طئي ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button