اسلام آبادپاڪستان

اسان جي ذميواري چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ آهي:ڪاڪڙ

اسلام آباد : نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ آمريڪي سفير وزيرِاعظم جو عهدو سنڀالڻ تي انوار الحق ڪاڪڙ کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي آمريڪي سفير پاڪستان جي اقتصادي ۽ ترقياتي ايجنڊا جي حمايت جو عزم ورجايو. ملاقات دوران نگران وزيرِ اعظم ٻه طرفن لاڳاپن جي موجودا هاڪاري رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن، جيڪي گڏيل احترام، مفادن ۽ قدرن تي ٻڌل آهن. انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته نگران حڪومت جي بنيادي ذميواري چونڊ عمل ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ آهي. نگران حڪومت جي ذميواري آهي ته جمهوري منتقلي جي دور ۾ آئيني تسلسل فراهم ڪري. نگران وزيرِ اعظم پاڪستان جي معاشي استحڪام ۾ مدد ڪرڻ ۾ آمريڪا جي ڪردار کي ساراهيو ۽ پائيدار ترقي جي حاصلات لاءِ سڌران تي ٻڌل ايجنڊا کي جاري رکڻ جو عزم ورجايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button