اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آءِ چيئرمين جي حياتي کي خطرو،عدالت نوٽيس وٺي:بشرا

اسلام آباد :تحريڪ انصاف جي سربراهه جي گهرواري بشرا بيبي سُپريم ڪورٽ ۾ حلفي بيان جمع ڪرائي ڇڏيو جنهن ۾ هن عدالت کان عمران خان خراب حالت جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سُپريم ڪورٽ ۾ بشرا بي بي طرفان حلي بيان حامد خان ايڊووڪيٽ جمع ڪرايو. بيان ۾ بشرا بيبي چيو ته جيل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي حياتيءَ کي خطرو آهي، سندس وزن به گهٽجي ويو آهي، سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي. هن چيو ته ڪيترين ئي ڏکيائين ۽ مسئلن بعد 22 آگسٽ تي اٽڪ جيل ۾ مڙس سان ملاقات جي اجازت ملي، هو ڪمزور ٿي چڪو آهي، جيڪو 70 ورهين جي عمر ۾ خطرناڪ آهي، جنهن سبب سندس حياتي خطري ۾ آهي. هن جو پنهنجي بيان ۾ چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ آهي ته مُلڪ لاءِ ڪنهن به سختي ۽ قرباني سهڻ لاءِ تيار آهي، سُپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي خراب حالت جو به فوري نوٽيس وٺي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button