رانديون

پي سي بي اختيارين چيئرمين جي چونڊ هفتي ۾ ڪرائڻ جي پڪ ڏئي ڇڏي

پي سي بي جي اختيارين لاهور هائي ڪورٽ کي چڪ ڏئي ڇڏي آهي تھ پي سي بي جي چيئرمين جي چونڊ جو شيڊول هڪ هفتي اندر عدالت ۾ پيش ڪري هڪ هفتي اندر ئي چونڊ بھ ڪرائي ويندي. ميڊيا مطابق لاهور هائي ڪورٽ ۾ پي سي بي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف کي امڪاني طور هٽائڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت پي سي بي کان چيئرمين جي چونڊ جو شيڊول پڻ گهري ورتو آهي. عدالت ٻڌڻي دوران پي سي بي چيئرمين جي چونڊ ڪرائڻ بابت اليڪشن ڪميشن ۽ وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو تھ مجاز اٿارٽي چيئرمين مينيجمينٽ ڪاميٽي کي هٽائڻ بابت پنهنجي سوچ تحت ڪم ڪري. ٻڌڻي دوران عدالت پي سي بي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو تھ چيئرمين جي چونڊ جو شيڊول اڃا ڇو ناهي آيو، جنهن تي پي سي بي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو تھ هڪ هفتي اندر چيئرمين جي چونڊ جو شيڊول عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ هفتي ۾ ئي چونڊ بھ ڪرائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button