رانديون

ايشيا ڪپ ۾ ڀارت سان مقابلي لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ سريلنڪا پهچي ويو

ايشيا ڪپ جي جاري مقابلن ۾ پاڪستان جو اسڪواڊ خصوصي جهاز ذريعي سريلنڪا پهچي ويو آهي، جتي هن ڪجهه وقت لاءِ پريڪٽس پڻ ڪئي آهي. ميڊيا مطابق ايشيا ڪپ ۾ ڀارت سان مقابلي لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ سريلنڪا پهچي ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ڪپتان بابراعظم جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني ٽيم چارٽرڊ جهاز ذريعي سريلنڪا جي شهر پالي ڪيلي پهتي آهي، جتي ان کي رهائش واري هوٽل ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. پاڪستاني اسڪواڊ صبح جو وقت 3 وڳي رواني ٿيل اسڪواڊ پالي ڪيلي ۾ ڪجهه وقت آرام بعد پريڪٽس ڪئي. هوڏانهن پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن ۾ مقابلو سڀاڻي پالي ڪيلي جي ميدان تي ٿيندو، ٽڪيٽون بھ وڪامي ويون آهن، جڏهن تھ بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ بھ سڀاڻي ئي ميچ ٿيندي، جنهن جون تياريون ٻنهي ڪري ڇڏيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button