اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

هلندڙ هفتي 22 شيون مهانگيون،کنڊ 172 رپيا في ڪلو تي پهچي وئي

اسلام آباد : ڳڻپ واري کاتي مهانگائي جا هفتيوار انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. هلندڙ هفتي 22 شيون مهانگيون ٿيون، جڏهن ته کنڊ جو اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي 172 رپيا في ڪلو تي پهچي ويو. ان ڏس ۾ شماريات کاتي موجب هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح ۾ 0 ڏهائي 05 سيڪڙو واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ سالياني بنيادن تي مجموعي شرح 25 ڏهائي 34 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. شماريات کاتي جو چوڻ آهي گذريل هفتي 22 شين جي قيمتن ۾ واڌ، 12 شين جي اگهن ۾ لاٿ ۽ 17 جا اگهه مستحڪم رهيا. شماريات کاتي موجب بصر 16 رُپيا، مٽرن جي دال ڏهه رُپيا، کنڊ ڇهه رُپيا ۽ ٿوم في ڪلو ڏهه رُپيا مهانگي ٿي، جڏهن ته آنن جو في ڊزن ست رُپيا مهانگو ٿيو. مهري جي دال في ڪلو اٺ رُپيا، مڱن جي دال ٻه رُپيا، ڪڪڙ في ڪلو چار رپيا، هڏي واري گوشت به ٻه رُپيا في ڪلو مهانگو ٿيو. شماريات کاتي موجب جيئري ڪڪڙ جي في ڪلو قميت 23 رُپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته ٽماٽا ٻه رُپيا، ڪيلن جو في ڊزن ٻه رُپيا سستو ٿيو. ان کانسواءِ ويهه ڪلو جي اٽي جي ٿيلهي جي اگهه ۾ ست رُپيا لاٿ ٿي. جڏهن ته هڪ سال ۾ چانهه پتي 90 سيڪڙو، چانور به 90 سيڪڙو ۽ مرچ 86 سيڪڙو مهانگا ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button