پاڪستانسنڌ

سنڌ جي نگران وڏي وزير جي مقرري خلاف داخل درخواست رد

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي مقرري جي خلاف درخوست ٻڌڻي جوڳي قرار نه ڏيندي رد ڪري ڇڏي. درخواستگذار جو وڪيل ابراهيم ابڙو عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جو ڪيس ڇا آهي؟ اوهان چئلينج ڇا ڪيو آهي؟ درخواستگذار جي وڪيل موقف ڏنو ته هن کي 2 سال پورا ناهن ٿيا ۽ کيس نگران وڏو وزير بڻائي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هن کي ڪنهن کي ڪنهن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو اوهان؟

درخواستگذار جي وڪيل موقف ڏنو ته مان جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. چيف جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ڏنا ته هو سپريم ڪورٽ جو جج رهيو آهي. درخواستگذار جي وڪيل موقف ڏنو ته مقبول باقر 4 اپريل 2022 تي سپريم ڪورٽ مان رٽائرڊ ٿيو، آئين جي آرٽيڪل 207 تحت مقبول باقر نگران وڏو وزير نٿو بڻجي سگهي. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ٻن سالن تائين ڪنهن منافعي بخش عهدي تي مقرر نٿو ٿي سگهي. جسٽس يوسف علي سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان پاڪستان سروسز رولز ڪڍي وٺو، اوهان غلط قانون ٻڌائي رهيا آهيو. عدالت سنڌ جي نگران وڏي وزير جي خلاف درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار نه ڏيندي رد ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button