پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ پريشر پمپ ٽٽڻ سبب مال گاڏي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي

سرهاڙي: سرھاڙي ريلوي اسٽيشن لڳ مال گاڏي جو اوچتو ڪپلين ۽ پريشر پمپ ٽٽڻ سب ٽرين ٻن حصن ۾ ورھائجي وئي. ان سلسلي ۾ سرھاڙي ريلوي اسٽيشن لڳ مين ريلوي ڦاٽڪ وٽ ڪراچي کان روھڙي ويندڙ مال گاڏي جي هڪ بوگي جو اوچتو ڪپلين ۽ پريشر پمپ ٽٽي پيو، جنهن سبب ٽرين ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، ان ڪري اپ ٽريڪ معطل ٿي ويو، هڪ ڪلاڪ دوران مرمت ڪري مال گاڏي کي عارضي طور ريلوي اسٽيشن تي بيهاريو ويو. ٽرين ٻن حصن ۾ ورهائجڻ بعد مختلف اسٽيشنن تي ٽرينن کي بيهاريو ويو. جڏهن ته ريلوي ڦاٽڪ هڪ ڪلاڪ تائين بند هجڻ سبب سوين گاڏيون پڻ بيهي رهيون، جنهن سبب ٽرئفڪ جام ٿي وئي. ٻئي پاسي ريلوي اسٽيشن لڳ ٽرين حادثي واري جا تان ملبو کڻڻ لا گذريل ڏينهن کان هيوي مشينري جي بيهڻ سبب گاڏين جي اچ وڃ سخت متاثر ٿي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button