پاڪستانسنڌ

حيدرآباد جي ليبر ڪالوني ۾ 128 فليٽن تان قبضو هٽرائڻ جي هدايت

ڪراچي: سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ليبر کاتي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي حيدرآباد جي ضلعي انتظاميه کي هدايت ڪئي آهي ته غيرقانوني قبضا ختم ڪري مزدورن لاءِ ٺاهيل فليٽس خالي ڪرايا وڃن ۽ ڪراچي جي علائقي گلشن معمار ۾ مزدورن جي فليٽن جي مرمت جو حڪم ڏنو آهي. اجلاس ۾ محنت واري صوبائي وزير عمر سومرو، ايڊووڪيٽ جنرل حسن اڪبر، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري رحيم شيخ، ايڊووڪيٽ جنرل شبير شاهه، چيئرمين ايس آر بي آصف ميمڻ، ليبر سيڪريٽري لئيق ميمڻ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ فليٽن ۽ گهرن جي تعمير، مزدورن جي ٻارن لاءِ مفت معياري تعليم، يونيفارم، جوتن، ڪتابن ۽ ٿيلهن جي خريداري لاءِ مالي مدد، مزدورن جي نياڻين جي شادي لاءِ سهڪار ڪرڻ سميت ٻارن لاءِ پوسٽ ميٽرڪ اسڪالرشپ ڏيڻ ۽ فوت ٿيندڙ مزدور جي قانوني وارثن کي مالي مدد فراهم ڪندو آهي.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2018ع کان 2023ع تائين 13322 ورڪرن ۾ شادي لاءِ 1333 ڏهائي 130 ملين رپيا گرانٽ، 244 ڏهائي 456 ملين رپيا 3175 شاگردن کي اسڪالرشپ ۽ 4360 ڪيسن لاءِ 2160 ڏهائي 625 رپيا گرانٽ طور ورهايا ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڊبليو ڊبليو بي وٽ 11 هزار 565 فليٽ، 6 هزار 257 گهر، 5 هزار 443 پلاٽ، 23 اسڪول ۽ ڪاليج آهن، جڏهن ته سيسي جي استعمال هيٺ ڪڊني سينٽر لانڍي، اين آءِ سي وي ڊي اسپتال سکر ۽ 10 ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر پڻ هلائي رهيو آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته حيدرآباد جي ليبر ڪالوني ۾ 128 مزدورن جا فليٽ قبضي هيٺ آهن. ان تي وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد کي هدايت ڪئي ته فليٽ خالي ڪري ليبر کاتي حوالي ڪيا وڃن ته جيئن رجسٽرڊ مزدورن کي الاٽ ڪري سگهجن. اجلاس ۾ ڳالهه سامهون آئي ته گلشن معمار ۾ غيرقانوني قبضن کان خالي ڪرايل مزدور فليٽن جي مرمت ڪرائڻ جي ضرورت آهي. وڏي وزير قانون بابت وزير عمر سومرو کي هدايت ڪئي ته هو ليبر سيڪريٽري سان گڏ فليٽن جو دورو ڪري ۽ ليبر کاتي کي هدايت ڪئي ته هو جلد کان جلد مرمت ڪري مزدورن کي الاٽ ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button