پاڪستانسنڌ

ڇاڇري مان گهر ڊاهي بيدخل ڪيل 12 خاندانن جو مٺي ۾ احتجاج جاري

مٺي: ڇاڇري جي ڳوٺ تڙدوس جي متاثرن سان انصاف نه ٿيو. 26 ڏينهن تي پڻ مٺي ۾ متاثر رهواسين پنهنجن ٻارن ٻچن سميت انصاف لاءِ احتجاج جاري رکيو. متاثرن سوائي ڀيل، مگهن ڀيل، چنديو ڀيل ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سماج سڌارڪ علي اڪبر راهمون ۽ ٻين وڏيرن اسان سان ناانصافي جي حد ڪري ڇڏي آهي، پر 26 ڏينهن مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود ضلعي انتظاميا سميت ڪنهن به تدارڪ نه ڪيو، ظلم جو شڪار بڻيل تڙدوس جا متاثر 26 ڏينهن کان مٺي ۾ انصاف لا نياڻين ۽ معصوم ٻارڙن سميت سراپا احتجاج بڻيل آهي، پر ضلعي جا سمورا ادارا، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ انساني حقن جون تنظيمون خاموش تماشائي بڻيل آهن، اسان ڪيترن ئي ڏينهن کان ٻارن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون. اسان جا گهر ڊاهي ٻنين تي قبضو ڪيو ويو آهي. هنن سپريم ڪورٽ، سنڌ هائي ڪورٽ ۽ ڊي آئي جي ميرپورخاص کان گهر ڪئي ته اسان سان ٿيل ناانصافي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي. واضع رهي ته ڳوٺ تڙدوس ۾ بااثر وڏيرن متاثر ڀيل برادري جي گهرن تي حملو ڪري 12 خاندان جا گهر مڪمل زبردستي ڊاهي ڇڏيا هئا، متاثر ماڻهن جي ٻنين تي بااثرن قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ سياسي اثر تحت متاثر ماڻهن خلاف کينسر ٿاڻي تي جهيڙي جا ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button