پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ همراهه ڌي ۽ نوجوان کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي ۾ جوابدار پيءُ ڪارنهن جي الزام هيٺ گوليون هڻي ڌيءَ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس ٻٽي قتل ۾ 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس مطابق ابوالحسن اصفهاني روڊ تي بکر ڳوٺ ويجهو گاڏي مان 2 لاش مليا. نوجوان ۽ ڇوڪري کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو. ڇوڪري جي عمر 17 سال ۽ نوجوان جي عمر 20 سالن جي لڳ ڀڳ آهي. اطلاع ملڻ تي پوليس پهتي، جڏهن ته مقتول نوجوان جي سڃاڻپ احسان جي نالي سان ٿي، جڏهن ته ڇوڪري جو نالو لاريب آهي. مقتولا جو گهر واقعي واري هنڌ کان ويجهو آهي ۽ احسان وقار پٽ رئيس احمد گلشن اقبال جو رهواسي هو. پوليس ٻٽي قتل ۾ ڇوڪري جي پيءُ ۽ ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو آهي مقتولن جا لاش اسپتال پهچايا ويا.

پوليس مطابق قتل ڪيل ڇوڪري جي پي رفيق شيخ ۽ ڀاءُ عبدالله شيخ فائرنگ ڪري ٻٽي قتل جو اعتراف ڪري ورتو آهي. مقتول پنهنجي دوست ڇوڪري لاريب سان ملڻ سهراب ڳوٺ جي علائقي ۾ سندس گهر ويو هو. لاريب احسان وقار سان ان جي ريو گاڏي ۾ وڃي رهي هئي. لاريب جي پي رفيق شيخ پنهنجي لائسنس واري پسٽل سان فائرنگ ڪري لاريب ۽ احسان کي قتل ڪري ڇڏيو. مقتولا لاريب جي پي اعتراف ڪيو ته هن ٻنهي کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيو آهي. ٻئي پاسي مقتول نوجوان جو پي ايس پي سهراب ڳوٺ آفيس پهتو ۽ ٻڌايو ته منهنجو پٽ گاڏين جي شوروم تي ڪم ڪندو هو، مون کي واقعي بابت ڪوبه پتو نه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button