سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

زڪربرگ جي اثاثن ۾ هڪ ڏينهن اندر 28 کرب رپيا اضافو، امباڻي کان به شاهوڪار ٿي ويو

فيس بوڪ (ميٽا) جي باني مارڪ زڪربرگ جي ملڪيت ۽ اثاثن ۾ هڪ ڏينهن اندر 28 کرب رپيا اضافو ٿي ويو. مارڪ زڪربرگ لا هي سال ڏاڍو سٺو ثابت ٿيو آهي، هلندڙ سال جي چئن مهينن اندر سندس ملڪيت ۾ 41 ڏهائي 7 ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو جنهن بعد هو 87 ڏهائي 3 ارب ڊالرن جو مالڪ بڻجي دنيا جو 12 هون سڀ کان شاهوڪار انسان بڻجي ويو آهي ۽ زڪربرگ ڀارت جي مڪيش امباڻي کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. مليل ڄاڻ موجب 27 اپريل تي ئي مارڪ زڪربرگ جي اثاثن ۾ لڳ ڀڳ 14 سيڪڙو يا 10 ڏهائي 2 ارب ڊالر (28 کرب پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جو اضافو ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button