سنڌ

وڏي وزير طرفان سڄي سنڌ ۾ ٻارن جون اسپتالون قائم ڪرڻ جو اعلان

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 200 بسترن تي ٻڌل سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيونيٽالوجي چلڊرين اسپتال ڪورنگي جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ 28 بسترن تي ٻڌل پيڊياٽرڪ انٽينسو ڪيئر يونٽ ۽ 52 بسترن تي ٻڌل نيونيٽل انٽينسو ڪيئر يونٽ شامل آهن. ڪورنگي چلڊرين اسپتال ۾ 21 وينٽيليٽر، 26 هاءِ فلو وينٽيليشن ۽ 20 فوٽوٿراپي لائيٽن جي سهولت موجود آهي، 41 بسترن تي ٻڌل جنرل پيڊياٽرڪ وارڊ آهن ۽ روزانو 350 مريضن جي او پي ڊي ٿيندي آهي. افتتاحي تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سڄي سنڌ ۾ ٻارن جون اسپتالون قائم ڪري رهيا آهيون، سنڌ جي اسپتالن ۾ پنجاب ۽ افغانستان مان به ماڻهو علاج لا اچي رهيا آهن، صحت جي شعبي ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت ڪورنگي ضلعي جي عوام کي رڳو دلاسا ڏيڻ بدران بهترين روڊ، انفراسٽرڪچر، فلائي اوور، ٽرانسپورٽ ۽ هاڻي چلڊرين اسپتال فراهم ڪري اصل خدمت ڪئي آهي، نون ڄاول ٻارن جي صحت جو خيال رکڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪيون وينديون. وڏي وزير چيو ته سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيونيٽالوجي جا 86 سيڪڙو مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، سنڌ حڪومت اسپتال لاءِ واڌ واري منصوبي تحت پيڊياٽرڪ سرجيڪل يونٽ قائم ڪرڻ واري آهي، ڪورنگي اسپتال پنهنجي جينياتي جانچ جو شعبو قائم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ جينياتي ميوٽيشن ٽيسٽ، ميٽابولڪ سنڊروم اسڪريننگ ۽ ٻارن جي صحت ۽ نرسنگ ۾ مصنوعي ذهانت جو استعمال شامل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button