پاڪستانسنڌ

فاطمه واقعي ۾ ڊسپينسر نامزد، اسد شاهه جي ڊرائيور مٿان به ڪيس داخل

خیيرپور (ن، سنڌ ايڪسپريس) فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ مک جوابدار پير اسد شاهھ کي راڻيپور جي سول عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. نينگري جي ما شبنم خاتون پنھنجي وڪيلن ايڊووڪيٽ نثار ڀنڀرو، ايڊووڪيٽ بختاور شيخ، صفيه لاکو، ايڊووڪيٽ امجد گبول سان گڏ عدالت پھتي. جڏھن ته عدالت جوابدار اسد شاھه کي وڌيڪ ھڪ ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. فاطمه ڪيس ۾ ڊسپينسر امتياز ميراڻي کي به نامزد ڪيو ويو، جنھن بعد جوابدارن جو تعداد 4 ٿي ويو. جڏهن ته اسد شاھه جي ڊرائيور اعجاز قاضي مٿان پڻ سھولتڪاري جو ڪيس داخل ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ايس ايڇ او راڻيپور عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ وڌيڪ اي ٽي سي جا قلم لاڳو ڪيا وڃن. ايڊووڪيٽ نثار احمد ڀنڀرو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پوليس وڌيڪ ٻه جوابدار گرفتار ڪيا آھن، جنھن ۾ امتياز ميراڻي کي فاطمه ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آھي ۽ اسد شاھه جي ڊرائيور اعجاز قاضي کي عدالت ۾ پيش ڪيو آھي. ھنن وڌيڪ چيو ته پوليس ھن وقت تائين فائنل چالان پيش نه ڪيو آھي، جڏھن ته ڪيس جي جاچ آفيسر ايف آ آر ۾ اي ٽي سي جا قلم شامل ڪرڻ جي عدالت کي استدعا پڻ ڪئي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button