اسلام آبادپاڪستان

عمران کي سائفر ڪيس ۾ جيل ۾ رکڻ جو حڪم

اسلام آباد:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانا ڪيس ۾ گرفتاري کانپوءِ اٽڪ جيل ۾ قيد پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي سزا معطل ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ سرڪاري رازداري ايڪٽ تحت کيس 30 آگسٽ تائين جيل ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو آهي. اسلام آباد ۾ قائم خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت پي ٽي آءِ چيئرمين کي 30 آگسٽ تائين جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ رکڻ جو لکت وارو حڪم اٽڪ جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي اماڻيو. اٽڪ جيل اختيارين کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار عمران خان نيازي آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت سائفر ڪيس ۾ جوڊيشل رمانڊ تي آهي. شنوائي دوران جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين چيو ته جوابدار عمران خان نيازي کي جيل ۾ رکيو وڃي ۽ 30 آگسٽ تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. گذريل ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم جي درخواست تي شنوائي کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ فيصلو محفوظ ڪيو هو. بعد ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان جاري ڪيل لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو ته عمران خان کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جنهن کي مختصر سزا چيو وڃي ٿو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ڌرين حددخلين ۽ ٻين معاملن تي بحث ڪيو جيڪي ان وقت ضروري نه هئا ۽ خاص ڪري جڏهن سزا مختصر هئي. ها ڪورٽ چيو ته ٻنهي طرفن کان ڊگها دليل ڏنا ويا، فيصلي خلاف اپيل ۾ ڪجهه سوال رهجي ويا آهن، جنهن تي ان وقت شنوائي ڪئي ويندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته انهن ئي سببن تي درخواست جي اجازت ڏني وڃي ۽ 5 آگسٽ تي ٽرائل ڪورٽ طرفان ڏنل سزا معطل ڪئي وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو ته سزا معطلي جي نتيجي ۾ درخواستگذار کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت جي ڊپٽي رجسٽرار (جڊيشل) جي اطمينان تي هڪ لک رپين جي ضمانتي مچلڪن سان جوڙيو وڃي. عمران خان توشا خاني ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جي 5 آگسٽ تي ڏنل فيصلي کي غير قانوني قرار ڏيندي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي ۽ درخواست ڪئي هئي ته مرڪزي اپيل تي فيصلو اچڻ تائين سزا معطل ڪئي وڃي ۽ آزادي جو حڪم جاري ڪيو وڃي. جڏهن ته عمران خان جي وڪيل نعيم حيدر پنجوٺا هڪ پوسٽ ۾ سزا معطل ڪرڻ واري فيصلي جي تصديق ڪئي آهي. هن چيو ته چيف جسٽس اسان جي درخواست قبول ڪري ورتي آهي، عامر فاروق جي سزا معطل ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button