اسلام آبادپاڪستان

پريڪٽس پروسيجر ايڪٽ سان عدليا ۾ مداخلت جي ڪوشش ڪئي وئي:چيف جسٽس

اسلام آباد : چيف جسٽس عمر عطا بنديال نيب ترميمن جي ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ اپيل جو دائرو وڌائي عدليا ۾ مداخلت جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ نيب ترميمن خلاف تحريڪ انصاف چيئرمين جي درخواست تي شنوائي ڪئي، جنهن دوران چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل تسليم ڪيو هو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ خاميون آهن. ان دوران چيف جسٽس سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ بابت گذريل عدالتي حڪم نامي به پڙهيا. هن چيو ته اٽارني جنرل ريويو آف آرڊرز اينڊ ججمينٽس ايڪٽ بابت پهرين جون تي آگاهه ڪيو، اٽارني جنرل جون ۾ چيو هو ته ان ايڪٽ کي اسيمبلي ڏسندي پر ان اسيمبلي ايڪٽ جو ٻيهر جائزو نه ورتو، ناهي خبر ته موجوده حڪومت جو ان قانون بابت ڪهڙو موقف آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا معطل ٿيل قانون کي ايتري اهميت ڏني وڃي جو ان جي ڪري سمورا ڪيس دير جو شڪار ٿين؟ اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي ٻيهر جائزي لاءِ ٻه ڀيرا وقت ڇو گهريو؟ ڇا سپريم ڪورٽ پنهنجو ڪم بند ڪري؟ شنوائي دوران چيف جسٽس تحريڪ انصاف چيئرمين جي وڪيل خواجا حارث کي چيو گڊ ٽو سي يو ۽ گڏوگڏ چيو اميد آهي ته ائين چوڻ تي مون کي نشانو نه بڻايو ويندو. چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ پروسيجر بل ۾ حڪومت اپيل جو دائرو وڌايو هو، حڪومت سپريم ڪورٽ جي دائري ۾ مداخلت ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟ جيڪڏهن حڪومت سمجهي ٿي ته قانون کي بهتر يا ٻيهر ڏٺو وڃي ته عدالت مداخلت نه ڪندي. سپريم ڪورٽ پارليامينٽ تي حاوي نٿي ٿيڻ چاهي پر سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ آئين جي خلاف آهي، ان ايڪٽ سان عدليا ۾ مداخلت جي ڪوشش ڪئي وئي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته نيب ترميمن جو ڪيس سپريم ڪورٽ جي هيءَ ئي 3 رڪني بئنچ ٻڌندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button