اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

عوام کي رليف نه مليو،بجلي بلن ۾ گهٽتائي جو فيصلو آءِ ايم ايف جي اجازت سان مشروط

اسلام آباد :وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ جي بجلي بلن جون قسطون ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪندي آءِ ايم ايف جي اجازت سان مشروط ڪيو ويو آهي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ بجلي جي وڌيڪ بلن، احتجاج، عوام کي رليف ڏيڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ پاور ڊويزن طرفان عوام کي رليف ڏيڻ بابت ڪيتريون ئي تجويزون پيش ڪيون ويون، جن تي بحث کانپوءِ ڪابينا جولاءِ ۽ آگسٽ جا بل قسطن ۾ وٺڻ جي منظوري ڏني. ذريعن جو چوڻ آهي ته منظوري باوجود حتمي فيصلو آءِ ايم ايف جي اجازت سان ٿيندو. ذريعن موجب ڊسڪوز ۽ واپڊا ملازمن جا مفت يونٽ توانائي ڪميٽي ڏانهن موڪليا ويا. آءِ ايم ايف جي منظوري کانپوءِ صارفين لاءِ رليف جو اعلان ڪيو ويندو. اعلان اڄ متوقع آهي. ان کان اڳ پاور ڊويزن بجلي جا بل قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، سياري جي مهينن ۾ به ڳرا بل ادا ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي هئي، گهريلو صارفين کي بجلي جي بلن ۾ هڪ سليب جو فائدو ڏيڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي. بجلي جي بلن تي سيلز ٽيڪس ۽ انڪم ٽيڪس جي خاتمي بابت ناڻي واري وزارت جي راءِ وٺڻ جي تجويز ڏني وئي. هوڏانهن اطلاعات واري نگران وزير چيو آهي ته توانائي واري وزارت مهانگائي کان متاثر عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ تجويزن جي لسٽ کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات واري وزير مرتضيٰ سولنگي امڪاني فيصلن بابت چيو آهي ته نگران حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي. جيڪڏهن اسان محدود مدي تائين ملڪ هلائڻ جي ذميواري ورتي آهي ته پوءِ اسان کي عوام کي ڪجهه رليف ڏيڻو آهي، پر هن بجلي صارفين کي ڏنل رليف بابت تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button