اسلام آبادپاڪستان

عوام ۾ بيچيني آهي،اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ ڏي:پيپلز پارٽي

اسلام آباد :پاڪستان پيپلز پارٽي چيو آهي ته عوام ۾ ڪافي بيچيني آهي، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ ڏي. ان ڏس ۾ پ پ جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) سان ملاقات دوران اسان اهو موقف اختيار ڪيو ته اسان جي پارٽي چاهي ٿي ته اليڪشن ڪميشن نئين چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇو ته قوم تمام گهڻي پريشان آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ اجلاس کانپوءِ اسلام آباد ۾ سيد نويد قمر، شيري رحمان ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي نيئر بخاري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هن ملڪ کي آئين ڏنو، آئين ئي وفاق جي ضمانت آهي ۽ پيپلز پارٽي ان تي يقين رکي ٿي. يعني چونڊن جي حوالي سان آئين ۾ موجود شقن تي عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته آئين جو آرٽيڪل 224 هڪ وقت جي وضاحت ڪري ٿو ته جڏهن اسيمبلي ٽوڙي وڃي ته ان آرٽيڪل ۾ ڏنل مدي اندر چونڊون ڪرايون وڃن. هن چيو ته اڄ اليڪشن ڪميشن سان ملاقات دوران اسان اهو موقف اختيار ڪيو ته پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته اليڪشن ڪميشن نئين چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇو ته قوم ۾ تمام گهڻي بيچيني آهي. نيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ تاريخ ۽ شيڊول ڏنو وڃي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اسان جو موقف ٻڌو ۽ چيو ته اسان پنهنجو اجلاس گهرائي ان بابت توهان سان ڳالهائينداسين. اسان کين چيو ته آئين موجب چونڊن جي تاريخ ڏني وڃي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته اسان 25 آگسٽ تي ڪراچي ۾ ٿيل پارٽي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو هو ته اليڪشن ڪميشن طرفان ڏنل جواب کي لاهور ۾ ٿيندڙ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش ڪيو وڃي، جنهن جو مستقبل ۾ فيصلو ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button