ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگائي بجلي سبب آپگهات ڪندڙ ماءُ

Editorial

ملڪ ۾ ماڻهن جي مالي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي. ماڻهو جيڪڏهن هڪ ويلو ماني کائين ٿا ته ٻئي ويلي لاءِ پريشان لڳا پيا هوندا آهن. هاڻوڪي حڪومت توڙي گذريل حڪومت جيڪي مهانگائيءَ جون ڇپون عوام مٿان ڪيرايون آهن، ان سبب عوام جو جيئڻ حرام ٿي ويو آهي. حڪومت عوام کي ڪو رليف ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي پر اها عوام جي مٿان مهانگائيءَ جو بار وجهڻ لاءِ هر قسم جا اپاءَ وٺي رهي آهي، نتيجي ۾ عوام پنهنجو پاڻ کي مارڻ يا گهر جو سامان وڪڻڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. رڳو هن مهيني عوام کي جيڪي بجليءَ جا بل مليا آهن، اهي ايترا ته گهڻا آهن جو عوام اهي ادا نٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن اهو بجليءَ جو بل ادا ڪري ٿو ته زندگيءَ جي ضرورت جون ٻيون شيون نٿو وٺي سگهي. گذريل ڪجهه ڏينهن کان شهري بجليءَ جا بل هٿن ۾ کنيو روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آهن. نگران وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ هنگامي اجلاس سڏائڻ کان پوءِ به عوام کي ڪو رليف نه ڏئي سگهيو آهي ۽ نه ئي سندس ڪابينا اهو فيصلو ڪري سگهي آهي ته عوام جي ڳرن بلن مان ڪيئن جان ڇڏائي وڃي. ماڻهو بل نه پيارڻ سبب خودڪشيون ڪري رهيا آهن. اهڙو ئي هڪ واقعو ملتان ۾ پڻ ٿيو آهي. جتي معصوم ٻارن جي ماءُ بجليءَ جو بل ادا ڪرڻ کان پوءِ به خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.
ملتان ويجهو جهانيان ۾ بل ادا ڪرڻ باوجود بجلي بحال نه ٿيڻ تي 4 ٻارن جي ماءُ گهريلو حالتن کان تنگ اچي زهريليون گوريون کائي زندگيءَ جو خاتمو آڻي ڇڏيو. مڙس قاسم جو چوڻ آهي ته بل ادا ڪرڻ کان پوءِ گهر ۾ راشن جا پئسا نه هئا، ٻارڙا 2 ڏينهن کان بک وگهي مري رهيا هئا. جهانيان جي علائقي چڪ نمبر 114 جي رهواسي قاسم ٻڌايو ته هو 4 ٻارن جو پيءُ آهي ۽ روزانو 400 رپيا ڪمائي ٿو. هن چيو ته جڏهن بجليءَ جو بل 10 هزار رپيا آيو ته گهر جو سامان وڪرو ڪري بل ادا ڪرڻ لاءِ قرض ورتو پر ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (ميپڪو) جي عملدارن بجلي بحال نه ڪئي. بل ادا ڪرڻ کان پوءِ گهر ۾ راشن جا پئسا نه هئا. مڙس جو چوڻ هو ته هو جڏهن گهر پهتو ته سندس زال حمنه بکايل ٻارن سبب پريشان هئي، هوءَ جڏهن ڪم تي وئي ته هن زهريليون گوريون کاڌيون، کيس تعلقي اسپتال نيو ويو پر هوءَ صحتياب نه ٿي سگهي ۽ فوت ٿي وئي.
هيءَ هڪ ڏکوئيندڙ واقعو آهي پر ان واقعي سان ڪنهن به حڪمران جي دل ۾ ڪو رحم ڪونه پوندو ۽ نه ئي ان کي هڪ ماءُ جي موت تي افسوس ٿيو هوندو. پر ڳالهه اها آهي ته هتي سڀ عياشون حڪمرانن ۽ اشرافيا لاءِ آهن. اسين سمجهون ٿا ته حڪمران عوام تي مهانگائيءَ جو بار وجهي ان کي مارڻ جو بندوبست ڪري رهيا آهن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪمران پنهنجون عياشون ختم ڪري عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪي اپاءَ وٺن ته جيئن عوام پنهنجن ٻارن کي ماني ڳڀو کارائڻ جهڙا ٿي سگهن ۽ کين خودڪشي نه ڪرڻي پوي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button