پاڪستانسنڌ

هائيڪورٽ سنڌ ۾ جرڳن کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو، 5 سالن جو رڪارڊ طلب

سنڌ ها ڪورٽ سڄي صوبي ۾ جرڳن تي پابندي لڳائي ڇڏي، عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته جرڳا ڪرائڻ رياست اندر رياست آهي ۽ پوليس ان کي روڪي سگهي ٿي، جيڪڏهن ڪنهن به ضلعي ۾ جرڳو ٿيو ته ذميوار پوليس آفيسر خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، پوليس آفيسر جو نالو جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڪيس هلايو ويندو. سنڌ ها ڪورٽ ۾ جيڪب آباد اندر ٿيل جرڳي بابت ڪيس جي شنوائي ٿي. عدالت آ جي سنڌ کان گذريل 5 سالن دوران ٿيل جرڳن جا تفصيل طلب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن هاڻي ڪنهن به ضلعي ۾ جرڳو ٿيو ته ذميوار پوليس آفيسر خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، پوليس آفيسر جو نالو جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڪيس هلايو ويندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته جرڳا منعقد ڪرڻ رياست اندر رياست آهي ۽ پوليس ان کي روڪي سگهي ٿي، جرڳا ۽ انهن ۾ ٻڌايل سزائون پڻ غير قانوني آهن. عدالت حڪم ڏنو ته جيڪڏهن ڪنهن ضلعي ۾ جرڳو ٿيندو ته آءِ جي پوليس ان ضلعي جي ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪري، آءِ جي جرڳن تي پابندي واري عدالتي حڪمن تي عمل کي يقيني بڻائي. سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي پوليس کي صوبي جي سمورن جاچ آفيسرن کي هڪ مهيني جو ڊجيٽل فارنزڪ ڪورس ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي شنوائي 17 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button